وفاقي سرڪار جا شاهاڻا خرچ برقرار،عوام معاشي مشڪلات ۾ گهيريل

اسلام آباد(شهزاد اقبال)ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل چيو آهي ته  هينئر 2027ع تائين اسان آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ آهيون. هينئر جيڪي توهان سعودي عرب کان به پراڻا قرض ورتا هئا، انهن تي اهو لکيل آهي ته اهي قرض توهان کي تڏهن ئي ملندا جڏهن توهان آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ رهندا. اهڙي طرح ورلڊ بئنڪ ۽ ائشن ڊيولپمينٽ بئنڪ جيڪي وفاق ۽ صوبن کي 3 ارب ڊالرن جو قرض ڏين ٿا، ۽ ان سان گڏ چائنيز انفراسٽرڪچر بئنڪ به جيڪو قرض ڏئي ٿو، اهو سڀ ان ڳالهه سان مشروط آهي ته توهان آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ هجو،هن چيو ته توهان آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ ان ڪري ويندا آهيو ڇاڪاڻ ته  توهان ملڪ کي صحيح طريقي سان هلائي نه سگهندا آهيو. جيڪڏهن توهان ملڪ کي صحيح هلائيندؤ ته آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. جيڪڏهن توهان پنهنجا فيصلا ذميواري سان ڪري سگهو ٿا ته پوءِ توهان کي ڪنهن ٻئي ڏانهن وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هن چيو ته اڄ آئي ايم ايف چوي ٿو ته سال جو خسارو 7 هزار ارب روپين کان وڌيڪ نه رکو، پر توهان هر سال رڳو ٽيڪس وڌائيندا آهيو. توهان اين ايف سي ايوارڊ ۾ سڌارا نه ڪري سگهيا،توهان کي آءِ ايم ايف ته ناهي چيو ته توهان هڪ ئي ماڻهو کي ٻه ٻه پينشنون ڏيو. توهان کي آءِ ايم ايف ناهي چيو ته توهان رائٽ سائزنگ (ادارن کي ننڍو) نه ڪريو. آءِ ايم ايف زرعي ٽيڪس يا ريئل اسٽيٽ تي ٽيڪس وٺڻ کان ته منع ناهي ڪيو، سڄي معيشت ۾ سڌارا آڻڻا پوندا. 10.5 ٽريلين جا جيڪي ٽيڪس آهن، ان ۾ گنجائش موجود آهي، توهان آرام سان گڏ ڪري سگهو ٿا. اسان هميشه ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا آهيون ته ڊالر کي 250 کان 280 جي وچ ۾ رکو. توهان جي وياج جي حقيقي شرح  7 سيڪڙو آهي، جهڙي طرح آءِ ايم ايف جي فرمائش هوندي آهي. تنهنڪري توهان پنهنجي معاشي ترقي کي دٻائي هڪ معيشت هلائي رهيا آهيو. هن چيو ته  سچي ڳالهه اها آهي ته ڪو به صوبو پنهنجو هڪ روپيو به ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي اهي پي ايف سي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. وفاق جي اندر به خرچ گهٽ ٿي سگهن ٿا. پي ايس ڊي پي جو 8 هزار ارب روپين جو بار آهي، پر ان جي باوجود نوان پروجيڪٽ شروع ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته  هينئر وفاق ۾ 57 ارب ڊالرن جا نوان پاور پروجيڪٽس لڳايا پيا وڃن ته اسان ٻي بجلي پيدا ڪنداسين، جڏهن ته اڳوڻي بجلي توهان کان وڪرو نٿي ٿئي،هن چيو ته  گذريل چئن سالن کان ماڻهو غريب ٿي رهيا آهن. نقصان ۾ ويندڙ سرڪاري ادارن (کي ختم ڪرڻ لاءِ تيزي سان پرائيويٽائيزيشن (نجڪاري) ڪرڻي پوندي.

آءِ ايم ايف پاران جي ايس ٽي 19 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز، حڪومت پاران مخالفت

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته مالي سال 2026-27 جي بجيٽ ۾ جنرل سيلز ٽيڪس جي شرح 18 سيڪڙو مان وڌائي 19 سيڪڙو ڪئي وڃي. ٻئي طرف پاڪستاني اختيارين پاران هن تجويز جي سخت مخالفت ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ ۾ مهنگائي جو نئون طوفان اچڻ جو خدشو آهي. جي ايس ٽي ۾ اضافي جي صورت ۾ سولر پينلز، اليڪٽرڪ ڪارون ۽ عام استعمال جون شيون وڌيڪ مهانگيون ٿي وينديون.ذريعن موجب، ايندڙ مالي سال جي 15  هزار ارب روپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس روينيو هدف کي پورو ڪرڻ ۽ هاڻوڪي مالي سال جي شارٽ فال (خساري) کي ختم ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف اها تجويز پيش ڪئي آهي. آءِ ايم ايف جي هن تجويز تي عمل ٿيڻ جي صورت ۾ صرف هڪ سيڪڙو اضافي سان حڪومت کي 250 کان 300 ارب روپين جي اضافي آمدني ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪا به نئين يا اثرائتي تجويز ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جنهن ڪري هو هاڻوڪي آپشنز تي ئي وڌيڪ بار وجهي رهيو آهي.بجيٽ تجويزن موجب، ماحول دوست توانائي ۽ گاڏين تي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ کي ختم ڪيو پيو وڃي سولر پينلز تي جي ايس ٽي جي شرح 10 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي. اليڪٽرڪ گاڏين تي ٽيڪس 1 سيڪڙو مان وڌائي سڌو 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن سان اليڪٽرڪ ڪارون، موٽرسائيڪلون، رڪشا ۽ ٽرڪون مهانگيون ٿي وينديون. هائبرڊ گاڏين تي موجودہ سيلز ٽيڪس 8 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هن شعبي لاءِ رعايتي پاليسي 2026 ۾ ختم ٿي رهي آهي.وزارتِ صنعت ۽ پيداوار جي اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اهي تجويزون زيرِ غور آهن، پر اڃا تائين ڪو به حتمي فيصلو ناهي ٿيو.رپورٽ موجب، ايف بي آر جي اوڳاڙي هاڻوڪي سال ۾ ڪمزور رهي آهي. ايف بي آر پهرين 11 مهينن ۾ 11,232 ارب روپيا گڏ ڪيا آهن. 30 جون 2026 تائين 13,979 ارب روپين جو اصل هدف پورو ڪرڻ لاءِ ايف بي آر کي صرف جون جي مهيني ۾ 2,747 ارب روپيا گڏ ڪرڻا پوندا، جيڪو هڪ ڏکيو چيلنج آهي. جيڪڏهن ايف بي آر صرف 13 کرب روپين جي حد تائين به پهچڻ چاهي، ته جون 2026 ۾ 1,668 ارب روپيا گڏ ڪرڻا پوندا. آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ سراسري مهانگائي  جو ڪاٿو 8.4 سيڪڙو لڳايو آهي.ٻئي طرف، آءِ ايم ايف ايندڙ بجيٽ ۾ ننڍن دڪاندارن ۽ ريٽيلرز لاءِ "فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم” جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. ان اسڪيم تحت، جيڪي ريٽيلرز ساليانو 20 ڪروڙ روپين تائين جو ڪاروبار ڪن ٿا، اهي ساليانو 25 هزار روپيا مقرر ٽيڪس ادا ڪندا ۽ کين ڪنهن به قسم جي ٽيڪس آڊٽ مان ڇوٽ حاصل هوندي.

ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 868 ارب رپين جي وڏي گهٽتائي، ايف بي آر  هدف پورو ڪرڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان ۾ ٽيڪس اوڳاڙيندڙ اداري فيڊرل بورڊ آف ريوينيو جي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران ايف بي آر پاران مقرر ڪيل هدف کان 868 ارب روپيا گهٽ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري معاشي هدفن کي سخت نقصان پهتو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب، پهرين 11 مهينن دوران ايف بي آر جو ٽيڪس هدف 12095 ارب روپيا هو، پر ادارو صرف 11227 ارب روپيا گڏ ڪري سگهيو آهي. رڳو مئي جي مهيني ۾ 1150 ارب روپين جي ماهوار هدف جي مقابلي ۾  صرف 966 ارب روپيا ٽيڪس گڏ ٿي سگهيو. مالي سال 2026 لاءِ پهرين ٽيڪس هدف 14307 ارب روپيا رکيو ويو هو، جنهن کي بعد ۾ گهٽائي 13979 ارب روپيا ڪيو ويو، پر ايف بي آر اهو گهٽ ڪيل هدف پورو ڪرڻ ۾ به ناڪام نظر اچي رهيو آهي. مالي سال جو هاڻي صرف هڪ مهينو باقي آهي، جنهن ۾ باقي بچيل 2752 ارب روپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻ ايف بي آر لاءِ ٻاهر هجڻ ڪري بظاهر ناممڪن بڻجي ويو آهي.اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هن وقت آءِ ايم ايف  جي پروگرام ۾ آهي، جنهن جي شرطن تحت ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري هوندو آهي. هن ڪمزور ڪارڪردگي جي باوجود، آءِ ايم ايف پاران ايندڙ مالي سال (2026-27) جي بجيٽ لاءِ ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف وڌائي 15264 ارب روپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪو حڪومت لاءِ هڪ وڏو چيلنج هوندو.

غريب عوام ئي ٽيڪس ڏئي ٿو،عدالتون امير طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ ئي نٿيون ڏين:محمد زبير

لاهور(مزمل سهروردي) اڳوڻي وفاقي وزير محمد زبير چيو آهي ته  اهي حڪومتون جيڪي ڪرپشن ختم ڪرڻ جي دعويٰ سان آيون هيون ۽ جن چيو هو ته اسان 90 ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين، اهي سچ پڇو ته ڪجهه به نه ڪري سگهيون. ٽيڪس ريوينيو نٿو اچي ۽ هي 70 سالن جي ڪهاڻي آهي، ته ڇا اسان اها ڳالهه چئي اٿي هلي وينداسين؟ پوءِ ته اسان کي ٻاهر اچي اعتراف ڪرڻ گهرجي ته اسان ناڪام ٿي ويا آهيون، جهڙي طرح پهريان حڪومتون ناڪام ٿيون هيون، ته اسان وڏي ڪوشش ڪئي پر اسان کي ڪو طريقو نظر نٿو اچي،هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس اوڳاڙي  وڌي آهي، هي تمام اهم شيءِ آهي. گذريل  چار سالن ۾ ٽيڪس اوڳاڙي تمام گهڻي وڌي آهي، پر ان جي قيمت صرف پاڪستان جي عوام، وچولي طبقي  ۽ غريب طبقي پنهنجو پاڻ کي دٻائي ادا ڪئي آهي. هن چيو ته توهان ڏسو ته جيڪڏهن توهان اميرن تي سپر ٽيڪس لڳايو ته عدالتون ان کي غلط قرار ڏئي ڇڏين ٿيون. جيڪڏهن توهان سيون اي قانون لڳايو ته هڪ ماڻهوءَ وٽ 4 ڪروڙ يا 6 ڪروڙ کان مٿي جون ٻه پراپرٽيز آهن، توهان چئو ته هي امير ماڻهو آهي ان تي ٽيڪس لڳايو، ته عدالتون چون ٿيون ته توهان اي سيون نه لڳايو. جيڪڏهن توهان سپر ٽيڪس لڳايو ته هڪ ارب کان مٿي جنهن جو منافعو آهي ان کي ٽيڪس ڏيڻ گهرجي، ته عدالتون چون ٿيون ته نه لڳايو،هن چيو ته  هن ملڪ جي ٽيڪسيشن سسٽم ۾ عدالتي مداخلت ايتري وڌيڪ آهي جو حڪومت وٽ اسپيس ئي ناهي. هن چيو ته  ڇا  حڪمران اشرافيه سمجهي ٿي ته پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل آهي؟ ڇا اهي سمجهن ٿا ته پاڪستان ڪيترو پوئتي رهجي ويو آهي؟ ڇا اهي سمجهن ٿا ته پاڪستان جا گذريل 25-30 سال ضايع ٿي ويا؟ ضايع ان ڪري ٿي ويا جو اسان هندستان، بنگلاديش، سريلنڪا، ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا سڀني کان اڳتي هئاسين، پر هاڻي اسان تمام پوئتي رهجي ويا آهيون هن چيو ته  سيڙپڪاري  کي ڪنهن عدالت ناهي روڪيو، ان لاءِ ايس آءِ ايف سي به بڻيو هو، جنهن کي ٺهي ٽي سال ٿي ويا آهن. هن وقت سيڙپڪاري جي حالت اها آهي ته اها تاريخ جي سڀ کان گهٽ ترين سطح  تي آهي. اڃا ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم چين ۾ ويٺو هو، ايل ايم او يوز  تي صحيحيون ٿي رهيون هيون. هو ڪيتريون ئي دفعا چين وڃي چڪو آهي، ٻين ملڪن جا درجنن دورا ڪري چڪا آهن، پر سيڙپڪاري  پاڪستان جي 50 سالن جي تاريخ جي سڀ کان گهٽ ترين سطح تي آهي، هن چيو ته  ڇا انهن وزيرن يا مشيرن کي اهو احساس آهي؟ جڏهن اسان کين ملون ٿا ته هو سمجهن ٿا ته پاڪستان تمام ترقي ڪري رهيو آهي. هو ڪو هڪڙو هدف ٻڌائي ڏين جنهن ۾ اسان چار سال پهريان کان بهتر هجون، چاهي اها غربت هجي، بيروزگاري هجي، مھانگائي هجي، سيڙپڪاري هجي يا درآمد برآمد هجي. ڪو هڪ ڪليم ته ڪن ته اسان هي ڪيو آهي، هن چيو ته .نواز شريف جو دور کڻي وٺو، 2013 کان 2017 تائين، پهرين ٻن ٽن سالن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي اهو پسند نه هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس هئي ته ملڪ جي معيشت ٺيڪ نه پئي هلي. تڏهن جنرل آصف غفور جي پريس ڪانفرنس هئي، اسٽيبلشمينٽ ته ان کي معاشي طور خراب دور چوندي هئي، هن چيو ته  جيڪڏهن توهان نواز شريف جو دور وٺو ته معيشت ۾ هاڪاري تبديلي آئي هئي. بيروزگاري گهٽ ٿي هئي يا وڌي هئي؟ احسن اقبال جي هينئر جي رپورٽ ڏسي وٺو ۽ سندس 2015 جي رپورٽ ڏسو. هينئر جي رپورٽ چوي ٿي ته بيروزگاري 21 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي. سندن رپورٽ چوي ٿي ته غربت پاڪستان جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، هن چيو ته  ڪرپشن نه ٿيڻ گهرجي، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته توهان جي ايوريج گروٿ اسان جي تاريخ جي سڀ کان خراب ترين گروٿ آهي غريب ماڻهو پيٽرول وٺڻ وڃي ٿو ته 120 روپيا پيٽروليم ليوي ڏئي ٿو، جيڪا عمران خان جي دور ۾ صرف 12 روپيا هئي. هڪ عام ماڻهو کنڊ يا اٽو وٺڻ وڃي ٿو ته ان تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڏيڻو پوي ٿو، توهان اهو پئسو ڪٿان جمع ڪيو آهي؟ يوبنگلاديش جي في ڪس آمدني پاڪستان کان 50 سيڪڙو بهتر آهي، اسان کي ان تي سوچڻ گهرجي،هن چيو ته جڏهن عمران خان جو دور هو تڏهن پاڪستان جي معيشت بنگلاديش کان بهتر هئي، پاڪستان جو روپيو بهتر هو، سيڙپڪاري، ايڪسپورٽ ۽ معاشي اوسر بهتر هئي، غربت ۽ بيروزگاري گهٽ هئي. پر هاڻي احسن اقبال جي رپورٽ پاڻ چئي رهي آهي ته بيروزگاري 21 سالن جي ۽ غربت تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، جڏهن ته سيڙپڪاري گذريل 50 سالن جي سڀ کان گهٽ ترين سطح تي پهچي چڪي آهي، جنهن جو مطلب ته عمران خان جي دور ۾ هي سڀ انگ اکر گهڻو بهتر هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.