يوٽيوب ۾ واهپيدارن جي سهولت لاءِ هڪ نئون اي آءِ فيچر اچي ويو

يوٽيوب ۾ اڪثر جڏهن لاگ ان ڪندا آهيو ته سامهون هڪ جهڙيون وڊيوز نظر اينديون آهن.پر هاڻي توهان پنهنجي هوم فيڊ کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان تبديل ڪري سگهو ٿا.

رپورٽ موجب يوٽيوب پاران هڪ نئين فيچر کي متعارف ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد واهپيدارن کي پنهنجي دلچسپي موجب هوم فيڊ کي پرسنلائز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.

ڪمپني پاران بيان ڏنو ويو آهي ته هاڻي اي آءِ کي هڪ پرومپٽ ذريعي پنهنجي دلچسپن بابت ڄاڻ ڏئي سگهو ٿا جنهن سان پرسنلائز فيڊ کي تيار ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو.

اي آءِ ڪسٽمائزڊ نالي هي فيچر اڃا آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، پر جلد ان کي ٻين ملڪن تائين وڌايو ويندو. جڏهن به هي فيچر توهان کي دستياب ڪيو ويندو ته ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ هوم پيج تي يور ڪاسٽيوم فيڊ آپشن تي ڪلڪ ڪندا ۽ پوءِ لکندا ته ڪهڙي قسم جون وڊيوز توهان ڏسڻ چاهيو ٿا.

توهان يوٽيوب جي سجيسٽ پرومپٽس کي به هڪ ڪاسٽيوم فيڊ بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.

يوٽيوب جي ترجمان ٻڌايو ته ڪاسٽيوم فيڊز مخصوص موضوعن يا ٿيمز بابت وڊيوز سان ڀريل هوندو ۽ نه کولڻ تي ڪجهه هفتن ۾ ايڪسپائر ٿي ويندو.

هي يوٽيوب ۾ هڪ ٻيو نئون اي آءِ فيچر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.