واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو موقف تبديل ڪندي، معاهدي بابت جلد فيصلي کان پوءِ ذهن مٽائي ڇڏيو آهي.
آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب، ڊونلڊ ٽرمپ ايران ڏانهن تبديل ڪيل ۽ وڌيڪ سخت تجويزون موڪلي ڇڏيون آهن.
نيويارڪ ٽائمز جو چوڻ آهي ته ان جو مقصد ايران تي دٻاءُ وڌائڻ آهي ته جيئن هو اڳ ۾ تيار ڪيل فريم ورڪ تي جلد راضي ٿي وڃي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران يقين ڏياريو آهي ته هو نه رڳو ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو، پر ايٽم بم خريد به نه ڪندو.
هڪ ٽي وي انٽرويو دوران ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ جمعي ڏينهن آبناءِ هرمز کولڻ جو اعلان ڪيو هو، پر هاڻي هن چيو آهي ته معاهدي تي صحيون ٿيڻ شرط آبناءِ هرمز کوليو ويندو.
صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران معاهدي جي تمام ويجهو آهن. هن چيو ته ”اسان ايران کان اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري رهيا آهيون جيڪو اسان چاهيون ٿا. مون کي ڪا جلدي ناهي، ڇو ته جلدي ڪرڻ سان سٺو معاهدو نه ٿيندو“.