31 مئي 2026 تي آسمان ۾ اڀرندڙ ڇنڊ بنيادي طور تي بليو مائيڪرو مون هوندو.
هي عام چنڊ ناهي پر هڪ مهيني ۾ ٻيو مڪمل چنڊ آهي، ان کان اڳ پهرين مئي تي مڪمل چنڊ نظر آيو هو. هي غيرمعمولي ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته عام طور تي چنڊ جو هڪ چڪر 29 ڏينهن جو هوندو آهي ۽ ان جو مطلب اهو آهي ته عام طور تي مهيني ۾ هڪ ڀيرو ئي فل مون نظر ايندو.
پر ڪيترائي ڀيرا هڪ مهيني ۾ 2 مڪمل چنڊ نظر ايندا آهن ۽ اهڙي ٻئي چنڊ کي بليو مون چيو ويندو آهي. ان کي سيزنل بليو مون به چيو ويندو آهي.
مائيڪرو مون ڇا آهي؟
هي اصطلاح زمين تان نظر ايندڙ چنڊ جي ماپ يا سائيز لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
چنڊ هميشه زمين کان هڪجهڙي فاصلي تي نه هوندو آهي ۽ اهو زمين جي چوڌاري پنهنجي مدار ۾ گردش ڪندو رهندو آهي. پورو چنڊ ان وقت ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن اهو زمين جي سڀ کان ويجهو هوندو آهي، ته ان کي سپر مون چيو ويندو آهي، جڏهن ته زمين کان سڀ کان وڌيڪ پري موجود پوري چنڊ کي مائيڪرو مون سڏيو ويندو آهي.
جيتوڻيڪ هن اصطلاح مان لڳي ٿو ته چنڊ تمام ننڍڙو نظر ايندو، پر حقيقت ۾ مائيڪرو مون عام چنڊ جي ڀيٽ ۾ رڳو 6 سيڪڙو ۽ سپر مون جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو ننڍڙو نظر ايندو آهي.
31 مئي جو بليو مون خاص ڇو آهي؟
عام طور تي اهڙو بليو مون هر ٻن سالن ۾ هڪ ڀيرو نظر اچي ويندو آهي، جڏهن ته مائيڪرو مون هر سال ٻه کان ٽي ڀيرا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
پر بليو مائيڪرو مون هڪ ناياب فلڪياتي واقعو آهي، جيڪو ڏهاڪن کان پوءِ نظر ايندو آهي ۽ ان کي ٻيهر ڏسڻ لاءِ ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پوندو.
واضح رهي ته بليو مون مان مراد اهو ناهي ته چنڊ جو رنگ نيرو يا نيلگو ٿي ويندو.
31 مئي تي چنڊ زمين کان تقريباً 4 لک 6 هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي هوندو، جنهن سبب اهو پوري چنڊ جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 7 سيڪڙو ننڍو ۽ 30 سيڪڙو گهٽ روشن نظر ايندو