هن دور ۾ نوجوانن کي وڌيڪ ڪينسر جو خطرو ڇو آهي؟ ڪارڻ سامهون اچي ويا!

سڄي دنيا ۾ ڪينسر تيزيءَ سان پکڙي رهيو آهي ۽ ڦڦڙڻ جو ڪينسر وڌيڪ نظر آيو آهي.

رپورٽ موجب هاڻي ان مرض مان موت جي شرح گهٽ ٿي آهي پر بُري خبر اها آهي ته نوجوانن ۾ ڪينسر سان متاثر ٿيڻ جي شرح وڌي وئي آهي.

حقيقيت ۾ ڪينسر جي مخصوص قسم سان جوان مردن (50سالن کان گهٽ عمر) جي متاثر ٿيڻ جو خطرو 1950 جي ڏهاڪي کانپوءِ مسلسل وڌي رهيو آهي. هاڻي نئين تحقيق ۾ نوجوانن ۾ ڪينسر پکڙڻ جو اهم ڪارڻ سامهون اچي ويو آهي.

رپورٽس موجب گهٽ ننڊ سان سڄي دنيا ۾ 50 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن ۾ ڪينسر ڪيسز جي شرح وڌي آهي. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ جوان ماڻهن ۾ ڪينسر جي مختلف قسمن جي شرح ۾ 80 سيڪڙو واڌ سامهون آئي آهي.

رپورٽ موجب 1990 ۾ 50 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن ۾ ڪينسر جا ڪيس 18 لک هيا ۽ 2019 ۾ وڌي 32 لک 60 هزار ٿي ويا آهن جڏهن ته 50 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن ۾ ڪينسر سان موت جي شرح ۾ 27 سيڪڙو واڌ سامهون آئي آهي.

رپورٽ موجب ماهر وڏي عرصي کان ان جو ڪارڻ ڄاڻڻ تي تحقيق ڪري رهيا هيا جنهن بعد هڪ سائنسي ڪانفرنس ۾ هڪ وڏو ڪارڻ سامهون آيو. ماهرن نتيجا پيش ڪيا ته جن ماڻهن ۾ ننڊ جي کوٽ آهي انهن ۾ آنڊڻ، بريسٽ ۽ ٻين قسمن جي ڪينسر جو خطرو ٽيڻو وڌي وڃي ٿو. ماهرن ٻڌايو ته ننڊ متاثر ٿيڻ ۽ جوان ماڻهن ۾ ڪينسر جي خطري ۾ ڳانڍاپو موجود آهي، جنهن جي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

ماهرن دريافت ڪيو ته پراسيس گوشت جو وڌيڪ استعمال به معدي يا ان سان ڳنڍيل ڪينسر جي قسمن جهڙوڪ آنڊن جو ڪينسر وڌائي سگهي ٿو. اهڙي ريت الٽرا پراسيس غذائن جو استعمال به سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ گهڻو ڪري سڌريل ملڪن ۾ ماڻهو 50 کان 60 سيڪڙو ڪيلوريز الٽرا پراسيس غذائن مان حاصل ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته الٽرا پراسيس غذا جي تياري دوران غذا کي گهڻائي ڀيرا پراسيس ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ لوڻ، کنڊ ۽ ٻين مصنوعات کي وڏي مقدار ۾شامل ڪيو ويندو آهي جڏهن ته صحت لاءِ ڪارائتي جزن جهڙوڪ فائبر جو استعمال گهٽ ڪيو ويندو آهي. الٽرا پراسيس غذائن ۾ ڊبل روٽي، فاسٽ فوڊ، مٺاڻ، ٽافيون، ڪيڪ، لوڻياٺيون شيون، بريڪ فاسٽ سيريلز، چڪن ۽ فش نگيٽس، انسٽينٽ نوڊلز، مٺا شربت ۽ سوڊا شامل آهن.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ثابت ٿيو ته جيڪي مرد الٽرا پراسيس غذا واپرائيندا آهن انهن ۾ آنڊڻ جي ڪينسر ٿيڻ جو خطرو 29 سيڪڙو وڌي ويندو آهي. اهڙا نتيجا ٻين رپورٽس ۾ به سامهون آيا آهن. مختلف تحقيقن ۾ ٿولهه کي ڪينسر سان ڳنڍيو ويو آهي. ڪجهه ماهرن اهو به چيو آهي ته خراب غذائي عادتون ۽ ويهي گهڻو وقت گذارڻ سان به معدي ۽ آنڊن جي ڪينسر جو خطرو تيزيءَ سان وڌي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.