ناراض ايم پي ايز کي پرچائڻ لاءِ ڪي پي جو وڏو وزير سرگرم

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي پنهنجي پارٽيءَ جي ناراض ايم پي ايز کي پرچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو.

خابرو اداري جي رپورٽ موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته سهيل آفريدي رات جو ايم پي اي عبدالغني آفريدي جي گهر پهتو جتي هنن ملاقات ڪئي.

پارٽي ذريعن موجب وڏي وزير مختلف ناراض ايم پي ايز کي پرچائڻ لاءِ ٽيليفونڪ رابطا به ڪيا جڏهن ته ڪيترن ئي ميمبرن به پنهنجي تحفظات کي مرڪزي قيادت اڳيان رکيو.

پي ٽي آءِ جي ذريعن موجب مرڪزي اڳواڻن وڏي وزير کي ناراض ميمبرن کي مناسب طور ايڊجسٽ ڪرڻ ۽ انهن جا تحفظات حل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ٻي پاسي عبدالغني آفريدي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وڏي وزير سان خيبر ضلعي جي مجموعي ترقي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻڌايو ته ملاقات ۾ عوام کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.