200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي سبسڊي ملندي رهندي: وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي کاتي جي وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته 200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي سبسڊي ملندي رهندي، بجلي واهپيدارن جا ميٽر ڪيو آر ڪوڊ سان ڳنڍيا ويندا، ڪيو آر ڪوڊ جي بنياد تي سبسڊي جو فيصلو ڪيو ويندو.

خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اويس لغاري چيو آهي ته حڪومت پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بجلي سبسڊي ختم نٿي ڪري، بجلي جي سبسڊي حاصل ڪندڙن جو انگ 2 ڪروڙ 15 لک ٿي ويو آهي، سمورن واهپيدارن جو ڊيٽا ڪيو آر ڪوڊ ذريعي گڏ ڪيو ويندو، مستحق واهپيدارن کي سبسڊي ڏيڻ جو عمل جاري رهندو، بجلي بلن تي سبسڊي وٺڻ وارن جو تفصيل ڪيو آر ڪوڊ ذريعي ورتو پيو وڃي.

اويس لغاري جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو وڏا سولر سسٽم هڻي 200 يونٽ کان هيٺ اچي ويا آهن، هو 200 يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن تي بار ٿي ويا آهن، ڪيو آر ڪوڊ سسٽم ذريعي ڇنڊ ڇاڻ ڪري مستحق واهپيدارن کي بنا دير سبسڊي ڏني ويندي، بجلي سبسڊي جو حجم 199 ارب کان وڌي 423 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، زرعي ۽ گهريلو شعبي کي 527 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، 20 لک کان وڌيڪ سنگل فيز وارن واهپيدارن جي رجسٽريشن پوري ٿي وئي آحي، سبسڊي ختم ڪرڻ جون خبرون ڪوڙ تي ٻڌل آهن، بجلي جي قيمتن ۾لاٿ واري حڪومت جي دعويٰ درست آهي.

وفاقي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ پي پيز معاهدن تي نظرثاني سان 3500 ارب رپين جي بچت ٿي آهي، ڊسڪوز جي نقصان ۾ لاٿ سان 193 ارب رپين جي بچت ٿي آهي، سال 2024-25 ۾ سرڪلر ڊيٽ ۾ 780 ارب رپين جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي، سڌارن کانپوءِ به بجلي جي لاڳت ۾ لاٿ نظر آئي، توانائي شعبي جي سڌارن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، پاورسيڪٽر سڌارن سان واهپيدارن کي سڌي ريت ريليف مليو آهي، بجيٽ ۾ سبسڊي جو حجم گهٽ ڪرڻ سان قومي ناڻي تي بار به گهٽيو آهي.

هن چيو ته صعنتي واهپيدارن تي ڪراس سبسڊي جو بار گهٽ ٿيو آهي، مارچ 2024 کان مئي 2025 تائيم سمورن ڪيٽيگريز جي واهپيدارن لاءِ بجلي سستي ٿي آهي، پروٽيڪٽڊ ڪيٽيگري وارن واهپيدارن لاءِ بجلي نرخن ۾ 31 سيڪڙو لاٿ ٿي آهي، گهريلو واهپيدارن جي بجلي نرخن ۾ 16 سيڪڙو لاٿ ٿي آهي،صنعتي واهپيدارن جي نرخن ۾ 33 سيڪڙو، ڪمرشل لاءِ بجلي 8 سيڪڙو سستي ٿي، زرعي واهپيدارن لاءِ بجلي نرخن ۾ 14 سيڪڙو ريليف ڏنو ويو، والاريل ڪشمير جي واهپيدارن جي بجلي نرخن ۾ 45 سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.

اويس لغاري چيو ته بجلي پيداوار لاءِ مقامي ذريعن تي ڀاڙڻ مسلسل وڌي رهيو آهي، سال 2035 تائين ڪلين انرجي جو شيئر 90 سيڪڙو ٿي ويندو جيڪو اڃا 55 سيڪڙو آهي، ان عرصي ۾ مقامي وسيلن جي پيداوار موجوده 74 سيڪڙو کان 96 سيڪڙو ٿي ويندي، پاڪستان جو جديد ڪرڻ جوڳو توانائي شيئر 57 سيڪڙو تائين آهي، ڀارت جو 48 سيڪڙو تائين آهي.

وفاقي وزير اويس لغاري ڳالهائيندي چيو ته هر ڪو سياسي بيان ڏئي ويندو آهي، تاڙيون وڄائڻ لاءِ سياسي بيان ڏنا ويندا آهن، گذريل ٽن هفتن کان پاور سيڪٽر بابت سوشل ميڊيا تي اشوز آيا، سينيئر سياستدانن ۽ معاشي ماهرن حقيقتن جي ابتڙ ايشوز کنيا، خواجا آصف جو ٽوئيٽ خود احتسابي جو عمل آهي، اسان سوالن کي عوام اڳيان کڻي ايندا آهيون ۽ انهن کي حل ڪندا آهيون، دفاعي وزير جيڪو ليسڪو جو ذڪر ڪيو آهي ان بابت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.