ويٽيڪن سٽي(عوامي آواز نيوز)ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني اڳواڻ پوپ ليو انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي ڪيترين ئي شخصيتن سان گڏ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو کي به خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي.ويٽيڪن سٽي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پوپ ليو جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ شهري حقن جي تحريڪ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي جدوجهد سان واڳيل آهي. پوپ ليو چيو ته ڏکڻ آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ سندس پاران نسل پرستي جي خاتمي جي فيصلي تاريخ ۾ هڪ نمايان مقام حاصل ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته:دنيا جي ٻين حصن ۾ عورتن به دنيا کي انسانن لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي جدوجهد ڪئي، انهن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو، ڪولڪتا جي مدر ٽريسا، ميري ڪيوري ۽ ماريا مونٽيسوري سميت ڪيترين ئي بهادر ۽ انسان دوست عورتن جا نالا اچن ٿا.