پ پ جا ڪيترائي سٺا ۽ نظرياتي اڳواڻ رابطي ۾ آهن،ڪنهن جي اشارن تي نٿا هلون:راشد شاهه راشدي

گهوٽڪي(عوامي آواز نيوز)فنڪشنل ليگ جي مرڪزي اڳواڻ پيرزادي راشد شاهه راشدي، صدر آصف علي زرداري پاران عيد جي موقعي تي سنڌ جي عوام کي هڪ ايڪڙ مان 50 لک رپيا سالياني آمدني ٿيڻ واري دعويٰ تي ٽوڪ ڪندي چيو آهي ته اهڙي آمدني صرف هڪ خاص قسم جي ’ڀنگ‘  جي پوک مان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد شاهه چيو ته آصف زرداري شايد ڪنهن خاص ڪوالٽي جي ڀنگ پوکڻ جو پروگرام ٻڌايو هوندو، جنهن جو نشو ته گهٽ هوندو آهي پر سرور تيز چڙهندو آهي. ڀنگ جي پوکي کان سواءِ زرداري اسان کي به ڪو ٻيو طريقو ڏسي ته جيئن اسان به پنهنجي زمينن مان اها ڪمائي ڪري سگهون،فنڪشنل ليگ جي متحرڪ ٿيڻ ۽ سنڌ توڙي پنجاب جي دورن کانپوءِ پيپلز پارٽي جي صفن ۾ ٻڌل خوف بابت ڳالهائيندي راشد شاهه راشدي چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي بدمعاش ورڪرن کي ڀتو ڏئي پنهنجو وقت گذاري رهي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي جا ڪيترائي سٺا ۽ نظرياتي اڳواڻ، جيڪي اتي مجبوريءَ تحت ويٺا آهن، اهي اسان  سان رابطي ۾ آهن جنهن ڪري پيپلز پارٽي پريشان آهي.راشد شاهه واضح ڪيو ته فنڪشنل ليگ ڪڏهن به بي ايماني جو رستو اختيار نه ڪندي. هن پيپلز پارٽي کي سڌو سنئون پيغام ڏيندي چيو ته  اسان پيپلز پارٽي جي چونڊيل ايم اين ايز يا ايم پي ايز کي توڙي پنهنجي پارٽي ۾ شامل نه ڪنداسين، تنهن ڪري کين ڊڄڻ جي ضرورت ناهي. جيڪڏهن ڪو اسان سان گڏ اچڻ چاهيندو ته هو پهريان پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيندو ۽ پوءِ اسان جي ٽڪيٽ تي بيهي پيپلز پارٽي کي شڪست ڏيندو، هن چيو ته سنڌ جا رڳو هڪ يا ٻه ضلعا هوندا جن جا ماڻهو اڃا رابطي ۾ ناهن آيا، باقي سڄي سنڌ ۽ رحيم يار خان جا سٺا ماڻهو رابطي ۾ آهن. ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن ۾ پيپلز پارٽي پنجاب ۾ مڪمل زيرو ٿي ويندي.ڪنهن ٻي طاقت يا اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي متحرڪ ٿيڻ واري سوال جو جواب ڏيندي راشد شاهه چيو ته اسان جو اڳواڻ صرف پير صاحب پاڳارا آهي. اسان پير صاحب جي اشاري تي هندستان جي بارڊرن تي وڃي وڙهيا آهيون ۽ انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪايو آهي، اسان کي ڪنهن ٻئي جي اشاري جي ڪا به ضرورت ناهي، هن وڌيڪ چيو ته اشارو اهو ڏيندو آهي جيڪو سياست ۾ وڌيڪ تجربيڪار هجي ۽ اسان جي ته اٺن پيڙهين کان اها تربيت آهي ته اسان ٻين کي اشارا ڏيندا آهيون، ڪنهن جا اشارا وٺندا ناهيون. جيڪي ماڻهو ائين سمجهن ٿا ته فنڪشنل ليگ ڪنهن جي اشاري تي هلي ٿي، اهي بيوقوف آهن،هن چيو ته سياسي شخصيت ميان مٺو (پير عبدالخالق) سدائين اسان سان گڏ رهيو آهي ۽ هو ڪڏهن به فنڪشنل ليگ کان ڌار ناهي ٿيو،ايندڙ چونڊن ۾ ميان مٺو پاڻ اليڪشن نه وڙهندو ڇاڪاڻ ته هو هاڻي بزرگ ٿي چڪو آهي، پر ميان مٺو جنهن به فرزند جي مٿي تي هٿ رکندو، اهو فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙندو ۽ ميان مٺو صرف بزرگ طور اسان جي رهنمائي ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.