ڪويت/تهران(عوامي آواز نيوز)آمريڪي نشرياتي اداري ”بلومبرگ“ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪويت ۾ قائم هڪ فوجي اڏي تي ايران جي بيلسٽڪ ميزائل حملي جي نتيجي ۾ ڪجهه آمريڪي اهلڪار معمولي زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته اتي موجود ٻن قيمتي ڊرون جهازن کي شديد نقصان پهتو آهي.هي حملو هڪ اهڙي حساس وقت تي ٿيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خطي ۾ عارضي جنگ بندي ۾ واڌ لاءِ هڪ ممڪنه معاهدي تي غور ڪري رهيو آهي.هڪ اکين ڏٺي شاهد نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي بلومبرگ کي حملي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪويت جي فضائي دفاعي نظام ايران پاران فائر ڪيل ’فاتح-110‘ ميزائل کي فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو هو، پر ان تباهه ٿيل ميزائل جو ملبو ’علي السليم ائير بيس‘ تي وڃي ڪريو، جنهن ڪري اتي نقصان ٿيو.“رپورٽ موجب، ملبو ڪرن جي ان واقعي ۾ فوجي اڏي تي موجود لڳ ڀڳ پنج ماڻهو معمولي زخمي ٿيا آهن، جن ۾ آمريڪي فوجي اهلڪار ۽ نجي ڪانٽريڪٽر شامل آهن. ان کان علاوه ائير بيس تي بيٺل آمريڪا جي ٻن جديد ايم ڪيو-9 ريپر (MQ-9 Reaper) اسٽرائيڪ ڊرون جهازن کي به شديد نقصان پهتو آهي، جن مان هڪ ڊرون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي جڏهن ته ٻئي کي سخت نقصان پهتو آهي. واضع رهي ته انهن مان هڪ ڊرون جهاز جي ماليت لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ آمريڪي ڊرون آهي.پاسدارانِ انقلاب جي خاتم الانبياءِ هيڊڪوارٽرز جي ترجمان ابراهيم ذواالفقاري پڻ ايڪس (ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪويت ۾ هڪ آمريڪي فوجي تنصيب تي ايران جي ميزائل حملي ۾ پنج آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا آهن ۽ هڪ ايم ڪيو-9 ريپر ڊرون تباهه ٿيو آهي. ابراهيم ذواالفقاري چيو ته هي حملو جنگ بندي معاهدي جي خلاف ورزي کانپوءِ ڪيو ويو.بلومبرگ موجب، ان واقعي کان فوري پوءِ جڏهن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) سان رابطو ڪيو ويو ته هنن ان تي فوري تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.هي ميزائل حملو اهڙي موقعي تي ڪيو ويو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اپريل کان لاڳو عارضي جنگ بندي کي وڌائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جيتوڻيڪ ان جنگ بندي دوران به ٻنهي طرفن کان هڪٻئي تي حملا ڏسڻ ۾ آيا آهن.ٻئي پاسي ايران دعويٰ ڪئي آهي ته سندس فضائي دفاعي فورس قشم ٻيٽ (جزيري) جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ هڪ دشمن ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.ايراني فوج جي پبلڪ ريليشنز (شعبہ تعلقاتِ عامہ) پاران ڇنڇر جي ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته فضائي دفاعي يونٽن قشم ٻيٽ جي مٿان پرواز ڪندڙ هڪ دشمن ملڪ جي ڊرون کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو.بيان موجب، تباهه ڪيل ڊرون هڪ ننڍو ۽ هلقو ”اوربيٽر“ (Orbiter) ڊرون هو، جنهن کي ايراني اختيارين آمريڪي ۽ اسرائيلي فوج جو اثاثو قرار ڏنو آهي. ايراني فوج جو چوڻ آهي ته فضائي دفاعي نظام جي وقتائتي نشاندهي کانپوءِ ان ڊرون کي ڪيرايو ويو.ايراني فوج وڌيڪ چيو ته:هي ڪارروائي فوج جي گڏيل فضائي دفاعي فورس جي تحت ڪم ڪندڙ فضائي دفاعي سسٽم جي ذريعي ڪئي وئي، جنهن جو مقصد ايران جي فضائي حدن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.