سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ گرمي

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اڄ تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ وچولي کان شديد هيٽ ويو جي صورتحال برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه ضلعن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ هلڪي کان وچولي برسات جو به امڪان آهي، موسميات کاتي موجب ان صورتحال سبب ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، دادو، شهيد بينظير آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو، ساڳئي ريت ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، جامشورو ۽ سانگهڙ ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب اڄ قمبر شهدادڪوٽ، دادو، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ هلڪي کان وچولي برسات ٿي سگهي ٿي، ڪراچي بابت چيو ويو آهي ته ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جتي وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته نمي جو تناسب صبح جو 80 سيڪڙو ۽ شام جو 70 سيڪڙو تائين رڪارڊ ٿي سگهي ٿو، ٻئي پاسي ڪالهه ڪراچي، حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، دادو ۽ ٻين اڪثر وڏن شهرن ۾ سخت گرمي رهي، ڪجهه ڏينهن کان دادو ۾ سخت گرمي ڏٺي وئي، ڪالهه دادو ۾ گرمي پد 54 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.