ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ ٽرڪ ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 10 ٻارن سميت 18 افغاني فوت ٿي ويا، ميڊيا رپورٽن موجب صوبائي اهلڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته ڇنڇر جي ڏينهن اوڀر افغانستان ۾ هڪ ٽرڪ ڪلٽي ٿي پيو جنهن ۾ 10 ٻارن سميت 18 ماڻهو سوار هئا، لغمان صوبي جي گورنر جي ترجمان عبدالمالڪ نيازي موجب ٽرڪ پاڪستان کان واپس ايندڙ افغان خاندان کي کڻي واپس وڃي رهيو هو، ترجمان ٻڌايو ته 18 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جن ۾ 10 ٻار، پنج عورتون ۽ 3 مرد شامل آهن انهي کان علاوه 29 ڄڻا زخمي به ٿي پيا آهن. حادثو اوڀر افغانستان ۾ جلال آباد ۽ راڄڌاني ڪابل جي وچ روڊ تي پيش آيو، ياد رهي ته افغانستان ۾ خطرناڪ روڊ حادثا عام آهن .
جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڏهاڪن جي تڪرار کان پوءِ به روڊن جي خراب حالت، خطرناڪ ڊرائيونگ ۽ ضابطي جي کوٽ آهي.