اڊيالا جيل ۾ اڳوڻي آرمي چيف جي عمران خان سان ملاقات جا افواهه

راولپنڊي/نيويارڪ(اجمل جامي+شهباز گل) پاڪستان جي سينيئر صحافي رضي طاهر پاران جاري ڪيل هڪ دعويٰ موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان اڊيالا جيل اندر هڪ اڳوڻي آرمي چيف جي اهم ملاقات ٿي آهي، جيڪا لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي. صحافتي ذريعن موجب، هيءَ ملاقات چند هفتا اڳ اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل رضامندي ۽ سهولتڪاري سان ڪرائي وئي، جنهن کي شروعاتي طور تي ڪافي حد تائين مثبت قرار ڏنو پيو وڃي. ملاقات ڪندڙ اڳوڻو آرمي چيف پنهنجي دور ۾ توسيع (ايڪسٽنشن) وٺي چڪو آهي ۽ هن وقت پاڪستان ۾ ئي رهائش پذير آهي، سياسي ماهرن ۽ تجزيه نگارن موجب، هن ملاقات جا سياسي مقصد انتهائي اهم آهن. آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ وچ اوڀر ۾ ابراهيمي معاهدي سميت نون علائقائي معاهدن جي دٻاءُ سبب ملڪي قيادت کي هن وقت عمران خان جي سياسي ضرورت آهي. اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به عالمي دٻاءُ يا معاهدي جي صورت ۾ پاڻ سڌي ريت اڳيان اچڻ بدران سيويلين قيادت کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿي. ان ڪري، جيتوڻيڪ هن وقت عمران خان مٿان جيل ۾ سختيون آهن، پر ايندڙ وقت ۾ ملڪي عوامي مقبوليت (جيڪا لڳ ڀڳ 80 کان 90 سيڪڙو آهي) جي ڪري اسٽيبلشمينٽ کيس اڳيان آڻڻ تي مجبور ٿيندي ۽ هو جيل مان آزاد ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جو وزيراعظم بڻجي سگهي ٿوجڏهن ته سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب تي پي ٽي آءِ حامين پاران اهي دعويٰ ڪيون پيون وڃن ته چند هفتا اڳ اڳوڻي آرمي چيف اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ڏيڍ ڪلاڪ تائين اهم ملاقات ڪئي آهي پر باخبر ذريعن ان خبر کي مڪمل طور تي غير منطقي ۽ بي بنياد قرار ڏنو آهي. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اڳوڻي آرمي چيف (جنهن جو اشارو جنرل ڪياني ڏانهن هو) جي ملاقات ٿئي ها ۽ ڪا مثبت اڳڀرائي ٿئي ها ته عليمه خان جو بيان نه اچي ها ۽ نه ئي جيل ملاقاتن تي پابندي برقرار رهي ها.حقيقت اها آهي ته سسٽم هن وقت ڪنهن به اڳوڻي آرمي چيف کي جيل موڪلڻ جي ضرورت محسوس نٿو ڪري. محسن نقوي، سهيل خان آفريڊي ۽ بئريسٽر گوهر ذريعي معاملا حل ڪرڻ جون ڪوششون ضرور جاري آهن پر پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب جي لشڪر پاران پنهنجي ئي اڳواڻن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي. سياسي ماهرن موجب جڏهن صورتحال ڄمي ويندي آهي ته ورڪرن جا جذبات برقرار رکڻ ۽ ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا شوشا ۽ ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻڌايون وينديون آهن تنهن ڪري ورڪرن جي جذبات سان کيڏڻ بند ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سياست ڳالهين کان سواءِ اڳتي نٿي وڌي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.