ٽرمپ ٽيون ڀيرو سفارت ڪاري سان غداري ڪري رهيو آهي: محسن رضائي

تهران(عوامي آواز نيوز) پاسدارانِ انقلاب جي اڳوڻي ڪمانڊر محسن رضائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ايران جي سامونڊي ناڪابندي برقرار رکڻ ۽ ڳالهين ۾ ”حد کان وڌيڪ مطالبن“ ذريعي ”ٽيون ڀيرو سفارتڪاري سان غداري“ ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.مجتبيٰ خامنائي جي پنهنجي والد جي جڳهه ايران جو ٽيون اڳواڻ بڻجڻ کانپوءِ، ايراني  ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته هن محسن رضائي کي پنهنجو فوجي صلاحڪار مقرر ڪيو آهي.محسن رضائي ايڪس نيٽ ورڪ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڳالهين جي اهل ناهي ۽ ٻين مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايراني ۽ آمريڪي عهديدارن 12 ڏينهن واري جنگ جي شروعات ۽ تازي جنگ دوران ايران سان ڳالهين جي وچ ۾ فوجي حملو ڪرڻ ۽ ”سفارتڪاري سان غداري“ ڪرڻ تي بار بار آمريڪا تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

ايراني پرڏيهي وزير پاران  عمان لاءِ مڪمل حمايت جو اظهار

مسقط(عوامي آواز نيوز)ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته عماني هم منصب سان ٿيل گفتگو انتهائي مثبت ۽ نتيجا خيز رهي، جنهن ۾ عمان کي درپيش ڪنهن به خطري جي مقابلي ۾ ايران جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ويو.عباس عراقچي ايڪس (ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي سان ٿيل گفتگو ۾ آبناءِ هرمز  ۽ ان جي مستقبل جي انتظامي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هرمز جي پٽي بابت معاملن تي عمان ۽ ايران جي پاليسي خودمختيار ذميوارين ۽ بين الاقوامي قانون جي اصولن جي مطابق هوندي. عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته هو خطي جي سمورن پاڙيسري ملڪن سان مشاورت ۽ تعاون کي ڀليڪار ڪن ٿا ته جيئن اهم سامونڊي لنگهن ۾ استحڪام ۽ محفوظ اچ وڃ کي يقيني بڻائي سگهجي.ٻئي طرف، آمريڪا ۽ عمان جي وچ ۾ به ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ آئي آهي. آمريڪي اختيارين عمان کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو ايران سان گڏجي هرمز جي پٽي ۾ جهازن تي ٽول (ٽيڪس) يا ڪنهن گڏيل انتظامي نظام جي قيام ۾ تعاون ڪندو ته مٿس پابنديون مڙهيون وڃي سگهن ٿيون.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به هڪ بيان ۾ عمان کي سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏني هئي، جڏهن ته آمريڪي خزاني واري وزارت چيو هو ته هرمز جي پٽي ۾ ٽول نظام جي قيام ۾ شامل ڪنهن به ڌر کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.