عورتون غير محفوظ ڇو آهن؟

ظھير تونيو

ڇا عورتون انسان ناهن؟ ڇا انهن کي جيئڻ جو حق حاصل ناهي؟ آخر ڇو انهن کان زندگيءَ جو حق کسيو وڃي ٿو؟ ڇا عورت هر ڀيري اهڙيءَ طرح بي دردي سان ماري ويندي؟ ڇا هن ڌرتيءَ تي انهن جو به ڪو حق ناهي؟ ڇا اسان جي حڪومت اهڙو قانون لاڳو ڪندي، جنهن سان عورتن کي تحفظ، انصاف ۽ حق حاصل ٿين؟ يا رڳو ٻن ڏينهن لاءِ سوڳ ملهائي پوءِ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو ويندو؟

اسان جي معاشري ۾ اڄڪلهه ڪارو ڪاري جهڙي ظالماڻي روش روزاني جو معمول بڻجي چڪي آهي. سوال اهو آهي ته آخر آسين اڃا تائين اهڙين بي رحم، غيرانساني ۽ جاهلاڻين روايتن ۾ ڇو جڪڙيل آهيون جو ھر روز عورتون ماريون وڃن؟ ڇا معاشرو صرف عورت کي ئي “ڪاري” قرار ڏئي ٿو؟ ڇا مرد هر ڏوهه کان پاڪ، معصوم ۽ بيقصور آهي؟ آخر هر ڀيري مرد کي معافي ۽ عورت کي سزا ڇو ملي ٿي؟

ھاڻي سوال اھو پيدا ٿو ٿئي ته جيڪڏھن ڪنهن معصوم نياڻيءَ جي شادي زبردستي ڪنهن پوڙهي شخص سان ڪرائي وڃي، ته ڇا اهو ظلم، جبر ۽ انسانيت جي توهين ناهي؟ ڇا اھا شادي زنا ۾ نٿي اچي؟ هر اها شادي، جيڪا دولت، لالچ يا ذاتي مفادن خاطر زبردستي ڪرائي وڃي، جتي ويهن سالن جي نياڻيءَ کي سٺ سالن جي پوڙهي سان پرڻايو وڃي، اها شادي نه، پر هڪ معصوم زندگيءَ جو سودو آهي. اهڙا عمل محبت، عزت ۽ رضا جي نالي تي سماج جي چهري تي ڪارو داغ آهن، جيڪي عورت جي خواهشن، احساسن، خوابن ۽ بنيادي حقن جو بي رحماڻو قتل ڪن ٿا.

دنيا ڀر ۾ لڳ ڀڳ 50,000 عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي خاندان جي ميمبرن يا ويجهن ساٿين پاران قتل ڪيون ويون. ان جو مطلب آهي ته هر روز تقريباً 137 عورتون ماريون وڃن ٿيون، جنهن ۾ نام نهاد “غيرت جي نالي تي قتل” ۽ خانداني تشدد شامل آهن. اقوام متحده موجب، هر 10 منٽن ۾ هڪ عورت يا ڇوڪري پنهنجي ويجهي ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿان قتل ڪئي وڃي ٿي. ڪيترائي “غيرت جي نالي تي قتل” صرف ان ڪري ٿين ٿا، جو خاندان سمجهن ٿا ته عورت سندن لاءِ “شرم” جو سبب بڻي آهي. مطلب خاندان جي عزت عورت ۾ لڪيل آھي ڪيترين ئي عورتن کي رڳو پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ، پسند جي شادي ڪرڻ يا سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي به قتل ڪيو وڃي ٿو.

پاڪستان ۾ انساني حقن جي تنظيمن جو اندازو آهي ته هر سال لڳ ڀڳ 1,000 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون وڃن ٿيون.غيرت جي نالي تي قتل کي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو آهي. گڏيل قومن  جهڙيون عالمي تنظيمون چون ٿيون ته اهي موت روڪي سگهجن ٿا، جيڪڏهن عورتن لاءِ مضبوط قانون، تعليم ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

بدقسمتي سان، اسان جي سماج ۾ عورت کي اڄ به ڪمزور، بي اختيار ۽ مرد جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته عورت به هڪ انسان آهي، جنهن کي پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلا ڪرڻ، عزت سان جيئڻ ۽ پنهنجي خواهشن مطابق زندگي گذارڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.

ڪارو ڪاري جهڙيون روشون نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن، پر اهي اسلام، اخلاق ۽ انسانيت جي به کليل توهين آهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سماج مان اهڙين ظالماڻين روين جو خاتمو ڪيو وڃي، عورتن کي تعليم، تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، ۽ ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ڪيو وڃي ته عزت انسان جي ڪردار سان هوندي آهي، نه عورت تي ظلم ۽ جبر ڪرڻ سان…..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.