ارجنٽينا جي ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي فيفا تي فڪسنگ جي الزامن بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
سيمي فائنل ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ليونل ميسي کان فيفا طرفان ارجنٽينا سان مبينا جانبداري بابت سوال ڪيو ويو.
ميسي جواب ڏيندي چيو ته ” اسان گذريل 4 سالن کان بهترين رهيا آهيون، هاڻي ڀلي ماڻهن کي اها ڳالهه وڻي يا نه اچي.“
ارجنٽينا جي ڪپتان چيو ته اسان جيڪا به ڪاميابي ماڻي آهي، اها ڪو اتفاق ناهي، ڪنهن به اسان کي ڪجهه تحفي ۾ ناهي ڏنو ۽ نه ئي ڪنهن اسان کي مفت ۾ ڪجهه ڏنو آهي.
ليونل ميسي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ خلاف حاصل ڪيل فتح کي فٽبال ليجنڊ ڊياگو ماراڊونا جي نالي ڪري ڇڏيو.
ميسي چيو ته 1986ع واري ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽينا ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران ڊياگو مارادونا جي مشهور ”هينڊ آف گاڊ“ گول ۽ تاريخي سولو گول سبب ارجنٽينا چيمپيئن بڻيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته ” ڊياگو اڄ ڏاڍو خوش ٿيو هوندو، اڄوڪو ڏينهن سندس لاءِ خاص آهي، هي فتح ڊياگو لاءِ به هڪ تحفو آهي.“
” ڪجهه مفت ۾ ناهي مليو، ڪنهن کي وڻئون نه وڻئون، اسان بهترين آهيون“ ميسي جو تنقيد ڪندڙن کي جواب
You might also like