سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي:اياز پليجو

سڪرنڊ (ن ع آ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن سبب بدين، سجاول، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن۔ هن چيو ته سنڌ جي اڪثر  شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري آبادگار سخت پريشان آهن ۽ زرعي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن۔اياز لطيف پليجي چيو ته اريگيشن کاتي ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ٿي رهي آهي، سم نالين، شاخن ۽ واهن جا بند مضبوط ناهن، جڏهن ته وقت سر کاٽي ۽ صفائي به نٿي ڪرائي وڃي۔ هن الزام هنيو ته بجيٽ رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاري هڙپ ڪئي وڃي ٿي، جنهن ڪري پاڻي پوڇڙ تائين نٿو پهچي۔ هن چيو ته ٿورو پاڻي اچڻ شرط شاخن کي هٿرادو گهارا هڻائي ڳوٺن ۽ فصلن کي ٻوڙيو وڃي ٿو ۽ انهن گهارن جي نالي تي به ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي،هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي هڪ طرف پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي ۽ ٻئي طرف جيڪو پاڻي ملي ٿو اهو به حڪمران طبقي جي قبضي ۾ آهي۔ وزير، ايم پي ايز، ايم اين ايز، وڏيرا ۽ سردار زبردستي پاڻي کڻي وڃن ٿا، جڏهن ته عام آبادگار پاڻي کان محروم بڻيل آهن۔ هن چيو ته پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب هزارين ايڪڙ آباد زمينون بنجر ٿي ويون آهن۔اياز لطيف پليجي چيو ته بدين، سجاول، ٺٽو ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعا اڳ زرخيز علائقا ۽ “شگر اسٽيٽ” طور سڃاتا ويندا هئا، پر پاڻي کان محروم ڪري انهن علائقن کي بنجر بڻايو ويو آهي۔ هن چيو ته هينئر سارين جي ٻيجاري لاءِ به پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب آبادگار سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن۔هن چيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج آهن ۽ قومي عوامي تحريڪ آبادگارن سان گڏ بيٺل آهي۔ هن مطالبو ڪيو ته بدين، سجاول، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي سندن حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجا فصل پوکي سگهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.