لاهور(عمران شفقت) گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اها ڳالهه مسلسل زبان زدِ عام آهي ته پاڪستان جي سياسي سياسي قيادت ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ هڪ ڇڪتاڻ، هڪ سرد جنگ هلي رهي آهي.اهو چيو وڃي ٿو ته اها سرد جنگ ان ڪري جاري آهي جو پاڪستان جو سياسي ڪلاس ملڪ جي صحيح خدمت ناهي ڪري سگهيو. پاڪستان جا چيلنجز تمام وڏا آهن، ان ۾ ڪو شڪ ناهي. هي به چيو وڃي ٿو ته پاڪستان جي موجوده سياسي قيادت يا موجوده نيم حڪومتي اتحاد ذهني طور تي انهن چيلنجن سان منهن ڏيڻ لاءِ نه تيار آهي ۽ نه ئي سندن ردِعمل ان سطح جو آهي. چيلنجز تمام وڏا آهن پر هتي روايتي سستي، ڪاهلي، اقربا پروري ۽ اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿيڻ واري ڪيفيت آهي. تنهنڪري ملڪ هاڻي ان جي سٽ نٿو ٿي سگهي. سسٽم کي بدلائڻو آهي، سسٽم اهڙو کڻي اچڻو آهي جيڪو ملڪ جي عوام کي اهي ثمر ڏئي جيڪي گذريل 75 سالن کان رياست ناهي ڏئي سگهي .هڪ عمراني معاهدو جيڪو هوندو آهي، جيڪي رياست مان عوام جون توقعات هونديون آهن (جيئن يورپ، آمريڪا، برطانيه يا ان کان گهٽ درجي جون رياستون پنهنجي شهرين جي نگهباني ڪن ٿيون، انهن لاءِ دنيا جا رستا کولين ٿيون ۽ ثمر کڻي اچن ٿيون)، پاڪستان جي رياست عوام جو رت نچوڙڻ ۽ اشرافيه کي پالڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪري سگهي. ان ڪري موجوده پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي سيني ۾ پاڪستان جي عوام جو درد آهي ۽ اهو درد اتي محسوس ڪيو وڃي ٿو. مختلف بريفنگز ۾ هي ڳالهه کليلي انداز ۾ چئي ويندي آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ وچولي طبقي (مڊل ڪلاس) جي ماڻهن تي مشتمل آهي، ان ڪري اها هڪ عام ماڻهو جي تڪليفن، ڏکن ۽ دردن کي سمجهي ٿي.اهو ئي سبب آهي جو عمران خان يا پاڪستان تحريڪِ انصاف جيڪا فلاسفي کڻي آيا هئا ته هيءَ رياست عوام کي ڪجهه ناهي ڏئي سگهي ۽ ان جو سڄو ڏوهه انهن ٻنهي سياسي جماعتن (ن ن ليگ ۽ پي پي) جي مٿان ٿوپيو ويو، اهو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جو ”بائي ڊيزائن“ ڪم هو. ماڻهن ان تي آمين چيو ۽ ان کي قبول ڪيو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هيءَ فلاسفي ۽ خدشا، يا جيڪو مرض پاڪستان جي رياست کي لاحق آهي، اهو درست انداز ۾ تلاش ڪيو ويو. هي حقيقت آهي ته پاڪستان جا ماڻهو رياست مان خوش ناهن. پر هتي هڪ وڏي ڪارروائي ٿئي ٿي؛ حڪمران طبقي مان جيڪو ڪمزور هوندو آهي، سڄو ملبو ان تي ڪرايو ويندو آهي چيو پيو وڃي ته بجيٽ کان اڳ (مالي سال 2026-27 واري بجيٽ) پاڪستان جي سسٽم کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ 28هين آئيني ترميم آڻڻي پوندي. صحافي رؤف ڪلاسرا موجب صدر زرداري ان جي مزاحمت ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ سندن دل جي تمام ويجهو آهن. معلومات موجب مريم نواز ۽ نواز شريف به ان جي مزاحمت ڪري رهيا آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن 28هين ترميم آئي به ته رڳو اهي شيون شامل هونديون جيڪي سياسي جماعتن کي قبول هونديون، يا جيڪي کين لڳنديون ته پاڪستان جي حق ۾ بهتر آهن. ڪنهن به اهڙي ترميم تي جيڪا سول اٿارٽي کي ڪمزور ڪري، پارلياماني نظام کي نيم صدارتي بڻائي يا ڪو ٻيو نظام مڙهڻ جي ڪوشش ڪري، اهي سياسي جماعتون نه مڃينديون.وزيراعظم (شهباز شريف) جي پوزيشن ذريعي الڳ آهي. هي اهو ئي وزيراعظم هو جيڪو پي ڊي ايم جي دور ۾ لڳندو هو ته سڀ ڳالهيون مڃي ويندو، پر اوهان کي ياد هوندو ته کيس ڪورونا به ٿي ويو هو ۽ هو سائيڊ تي ٿي ويو هو. تنهنڪري شهباز شريف به زرداري ، نواز شريف ۽ مريم نواز واري پاسي ئي بيٺل نظر ايندو، مورو واري تقرير کانپوءِ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته صدر زرداري اسٽيبلشمينٽ کي خوشڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اوهان سندس گفتگو تي غور ڪندؤ ته اوهان کي اصل پسمنظر سمجهه ۾ اچي ويندو. هن چيو ته ”مونکي بار بار چيو ويندو آهي ته مان اسٽيبلشمينٽ جي خلاف هلان، ڇاڪاڻ ته اينٽي اسٽيبلشمينٽ هجڻ پيپلز پارٽي جو خاصو رهيو آهي. پر اسان ڇو اينٽي اسٽيبلشمينٽ ٿيون؟ اسٽيبلشمينٽ وٽ هاڻي آهي ڇا جو مان ان جي خلاف ٿيان؟ ڀائو، اسان ملڪ هلائڻو آهي، اسان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اسٽيبلشمينٽ سان ملي ڪري 1973ع جي آئين تحت ڪيو آهي.“ اهي سندس لفظ آهن جيڪي اوهان ڪلپ ۾ ٻڌي سگهو ٿا.ان جو پسمنظر اهو آهي، جنهن جو مطلب هي آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي قيادت تمام گهڻي سهولت سان ملي ڪري ملڪ کي اڳتي وڌائي رهيا آهن زرداري صاحب چوي ٿو ته منهنجو پٽ سڀاڻي وزيراعظم بڻجي، نواز شريف چوي ٿو مان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجان، يا آرمي چيف چوي ته ڪم تيز ڪريو؛ ائين ڪجهه ناهي. الائجي ڪير ڪٿان ڳالهيون ٻڌي ڦهلائي ٿو.