نوازشريف مون کي وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ڪئي هئي:خواجا آصف

لاهور (عوامي آواز نيوز) دفاع واري وزير خواجا آصف انڪشاف ڪيو آهي ته ميان محمد نواز شريف کيس وزيراعظم جي عهدي جي آڇ ڪئي هئي، پر هن شڪريي سان اها آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن  چيو ته نواز شريف سان سندس لاڳاپو تمام گهڻو پيار وارو ۽ سڳن ڀائرن جهڙو آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن کيس وزارتِ عظمٰي جي آڇ ٿي ته هن معذرت ڪندي چيو ته هي منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، ان سان ذميواري تمام گهڻي وڌي ويندي ۽ جيڪڏهن مان ڪم نه ڪري سگهيس ته پوءِ اوهان ئي چوندؤ ته رڳو شوق خاطر عهدو کڻي ويهي رهيو.خواجه آصف  ٻڌايو ته ان کانپوءِ به کيس ڪيترائي ڀيرا اهڙا موقعا مليا پر هن هر ڀيري معذرت ڪئي. واضح رهي ته دفاع وارو وزير خواجه آصف مسلم ليگ ن جو سينئر اڳواڻ آهي ۽ کيس پارٽي قائد نواز شريف جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، جيڪو پارٽي جي هر حڪومتي دور ۾ ڪابينا جو حصو رهيو آهي. تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا ته ماضيءَ ۾ خواجه آصف کي ملڪ جي سڀ کان وڏي عهدي جي آڇ ٿي هئي پر هن اها آڇ رد ڪري ڇڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.