سڀ کان وڏي ڪاميابي توحيد آهي، الله صبر ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو:حـــج خــطبو

مڪو مڪرمه (م ڊ) لکين حاجي ميدان عرفات ۾ گڏ ٿيا، جتي مسجد نبوي صه جي امام شيخ ڊاڪٽر علي بن عبدالرحمان الحذيفي حج خطبو ڏيندي الله جي حمد ۽ ثنا ۽ حضور ﷺ تي درود شريف کان پوءِ هن چيو ته الله تعاليٰ حج کي فرض قرار ڏنو آهي، قيامت جو زلزلو انتهائي سخت هوندو، جڏهن ته آخرت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي توحيد آهي، جيڪي ماڻهو شرڪ ۽ ڪفر ڪن ٿا، اهي اهڙين شين کي سڏين ٿا، جيڪي ڪنهن به نفع يا نقصان جو اختيار نٿيون رکن، هن چيو ته جيڪو الله کان ڊڄي ٿو، ان لاءِ الله ٻه جنتون تيار ڪيون آهن، جڏهن ته الله صبر ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو۔ جن قومن الله جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي، تن کان اهي نعمتون کسجي ويون، هن چيو ته الله تعاليٰ حضرت ابراهيم عليه السلام کي حج لاءِ اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ فرمايو ته الله اها آواز ڏورانهن علائقن تائين پهچائيندو، هن چيو ته دنيا جي مختلف رنگن ۽ نسلن جا ماڻهو هتي گڏ ٿيا آهن، جيڪو الله جي قدرت جو وڏو مظهر آهي، الله تعاليٰ فرشتن آڏو حاجين تي فخر ڪري رهيو آهي، جيڪي اڄ هتي گڏ ٿيا ۽ عبادتون ادا ڪيون، خطيب چيو ته حاجي عرفات ۾ قيام کان پوءِ مزدلفه ويندا، پوءِ منيٰ روانا ٿيندا، جتي گهڻي تعداد ۾ الله جو ذڪر ڪرڻ گهرجي۔ حاجي 11 ۽ 12 ذوالحج جون راتيون منيٰ ۾ گذاريندا ۽ واپس وڃڻ کان اڳ طواف ڪندا، آخر ۾ هن دعا ڪئي ته يا الله سڀني حاجين کي سلامتي سان سندن گهرن ڏانهن واپس موٽاءِ، سندن دلين ۾ حق گڏ ڪر ۽ سندن حج جا سمورا رڪن قبول فرماءِ، هن چيو ته ناشڪري نه ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.