رسول بخش پليجي سڄي زندگي سنڌ جي حقن لاءِ گذاري:لال جروار

جاتي چوڪ (پ ر) عوامي تحريڪ جي سربراهه قائدِ انقلاب رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي جي سلسلي ۾ جاتي چوڪ تي عوامي  حريڪ جي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ضلعي سجاول جي صدر عزيز ميمڻ، الله بچايو ڏيٿو، امين زئور، عزيز ٻائيتار، گل مٺو مالهيو ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران هينڊ بل ورهائي عوام کي ورسي جي جلسي عام ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي، 7 جون تي جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ طرفان جلسو ڪري پنهنجي قائد کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، اڳواڻن جاتي چوڪ، ڀرپاسي جي مارڪيٽن، دڪانن، هوٽلن، ٽرانسپورٽ اڏن ۽ مختلف عوامي هنڌن تي هينڊ بل ورهائي شهرين، هارين، مزدورن، شاگردن، استادن، واپارين ۽ نوجوانن کي قائدِ انقلاب محترم رسول بخش پليجي جي سياسي، علمي ۽ فڪري خدمتن بابت آگاهي ڏني ۽ کين ورسي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجي پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي قومي حقن، جمهوريت، عورتن جي آزادي، هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري، رسول بخش پليجو سنڌي قوم جو وڪيل هو، هن سنڌ جي تعليم، ڊيموگرافي، وسيلن، سنڌو درياهه جي تحفظ ۽ عورتن، هارين ۽ مزدورن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪئي. ٻي پاسي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ شمشاد ٻپڙ، پارس ڀٽي ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي سکر ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري علائقي واسين کي ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.