عيد کان اڳ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌي ويا، شهرين جون دانهون

ڪراچي (رپورٽر) عيد کان اڳ خوراڪ جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ڪراچي ۾ عيدالاضحيٰ کان اڳ ساون مصالحن سميت خوراڪ جي ڪيترين ئي شين جي قيمتن ۾ تيز اضافو ڏٺو پيو وڃي، جڏهن ته ٽماٽا، ادرڪ، ٿوم ۽ ليمن جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، شهر ۾ گذريل هفتي تائين 60 رپيا ڪلو وڪرو ٿيندڙ ٽماٽر هاڻي 120 رپين کان وڌيڪ اگهه تي وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ليمون 500 رپيا ڪلو ۽ ادرڪ،  وم 550 کان 600 رپيا ڪلو تائين پهچي ويا آهن، ساڳئي ريت سائي مرچ جيڪا اڳ 60 رپيا پائو هئي، هاڻي 100 رپيا پائو وڪرو ٿي رهي آهي، ڌاڻن ۽ ڦودني جي ويڙهي به عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي اگهه تي وڪرو ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته گوشت نرم ڪرڻ لاءِ ڪچو پپيتو 150 کان 200 رپيا ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي،  سلاد ۾ استعمال ٿيندڙ شيون جهڙوڪ کيرو، ڪڪڙي ۽ سلاد جا پن به مهانگين شين ۾ شامل ٿي ويا، کيرو 150 رپيا ڪلو، ڪڪڙي 200 رپيا ڪلو ۽ سلاد پتا 100 رپيا پائو تائين وڪرو ٿي رهيا آهن، سبزي وڪڻندڙن موجب ٽرانسپورٽ ۽ ڀاڄين جي ترسيل خرچن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته طلب ۽ رسد جو توازن بگڙڻ سبب سبزي منڊي ۾ به ساوا مصالحا مهانگا وڪرو ٿي رهيا آهن.

عيدالاضحيٰ تي پرديسين جي گهرن ڏانهن واپسي، بس اڏن تي رش، ڀاڙن ۾ واڌ

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پرديسي ماڻهن جي گهرن ڏانهن واپسي سبب ٽرانسپورٽ اڏن تي سخت رش ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، تفصيل موجب عيد کان اڳ ئي وڏي انگ ۾ شهري پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جيڪي مسافر اڃا سفر جا منتظر هئا، تن کي اڏن تي ڊگهي انتظار، رش ۽ بدانتظامي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، خاندانن ۽ عورت مسافرن کي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ گاڏين جي انتظار ۾ بيٺل ڏٺو ويو، مسافرن شڪايت ڪئي آهي ته ٽرانسپورٽر من ماني ڀاڙا وصول ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اوورلوڊنگ  ۽ غير منصفاڻن روين جون به شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن، مسافرن موجب عيد جو سفر وڌيڪ مهانگو ۽ ڏکيو بڻجي ويو آهي، اطلاعن موجب موٽر وي پوليس، ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ سٽي ٽريفڪ پوليس پاران وڌيڪ ڀاڙو وٺڻ ۽ اوورلوڊنگ خلاف ڪارروايون جاري آهن، پر ان باوجود صورتحال مڪمل طور ڪنٽرول ۾ نه اچي سگهي آهي، مسافرن جو چوڻ هو ته ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين 16 سئو کان 18 سئو رپيا ڪرايو هو پر هاڻ ته صفا ظلم ٿي ويو آهي 3هزار کان وٺي ساڍن ٽن هزارن تائين ڀاڙو ورتو پيو وڃي، حڪومت ٽرانسپورٽرن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، ٻئي پاسي ذريعن موجب ڪوٽ ادو، ميانوالي، مظفرڳڙهه، ليه، ملتان سميت پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ مسافر سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، پيرودهائي بس اڏي تي صبح چئين وڳي کان موجود مسافرن جو چوڻ آهي ته مهانگا ٽڪيٽ وٺڻ باوجود کين ٻڌايو پيو وڃي ته گاڏيون ٽن کان چئن ڪلاڪن جي دير سان روانيون ٿينديون، ٽرانسپورٽرن جو موقف آهي ته موجوده حالتن ۾ گهٽ مسافرن سان گاڏيون هلائڻ ممڪن ناهي، ڇو ته ڊيزل ۽ پيٽرول جي وڌندڙ اگهن سبب خرچ وڌي ويا آهن، جنهن ڪري شيڊيول متاثر ٿي رهيو آهي، هوڏانهن انتظاميا جي مبينا غفلت ۽ ٽرانسپورٽرن جي ضد سبب اڏن تي بدانتظامي برقرار آهي، جڏهن ته شهرين مطالبو ڪيو آهي ته عيد جي موقعي تي سفر آسان بڻائڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.