غزا ۾ اسرائيلي فورسز جي بربريت، وڌيڪ 8 فلسطيني شهيد

غزا (م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي فورسز جون ڪارروائيون جاري آهن، جنهن دوران وڌيڪ 8 فلسطيني شهيد ٿي ويا، عرب ميڊيا  موجب صبح کان ٿيندڙ حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 فلسطينين جي شهادت ٿي آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، غزا جي صحت واري وزارت موجب آڪٽوبر 2025 ۾ جنگبندي کان پوءِ به هيل تائين 906 فلسطينين جي شهادت ٿي چڪي آهي، جيڪا جنگبندي باوجود جاري ڇڪتاڻ کي ظاهر ڪري ٿي، رپورٽن موجب جنگبندي جي ڀڃڪڙين سبب گذريل مهينن ۾ جاني نقصان ۾ مسلسل اضافو ڏٺو پيو وڃي، غزا صحت وزارت جي انگن اکرن موجب 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري جنگ ۾ شهيد فلسطينين جو مجموعي انگ 72 هزار 803 تائين پهچي ويو، جڏهن ته زخمين جو انگ به مسلسل وڌي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.