اسرائيلي ايجنڊا وائکي ٿي وئي،پاڪستان حڪومت چٽو موقف اختيار ڪري:اپوزيشن اتحاد

اسلام آباد (بيورو) اپوزيشن اتحاد ”تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان“ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي مطالبي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد مان جاري ڪيل اعلاميي ۾ اپوزيشن  اتحاد صدر ٽرمپ پاران مسلم ملڪن کان ”ابراهيمي معاهدي“ تي صحيحون ڪرڻ جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.اتحاد صدر ٽرمپ جي بيان تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته امن معاهدي کي مشروط ڪرڻ جنگ جي پٺيان اسرائيلي ايجنڊا جو واضح ثبوت آهي.اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتِ پاڪستان ان تجويز يا مطالبي تي ترت ۽ دوٽوڪ موقف اختيار ڪري. هي معاهدو اسرائيلي غنڊه گردي کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ جو هڪ ڌوڪو آهي.اپوزيشن اتحاد جو چوڻ هو ته اسان تي فلسطينين جي 80 هزار کان وڌيڪ شهديدن جي رت جو قرض ۽ امانت آهي. ان معاهدي جو مقصد آزاد فلسطين جي قيام تي امتِ مسلمه جي گڏيل موقف ۾ ڏار وجهڻ آهي.اعلاميي ۾ گهر ڪئي وئي آهي ته مشرقِ وسطىٰ جي تشويش ناڪ صورتحال تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.اپوزيشن اتحاد وڌيڪ چيو ته جيڪي ملڪ اڳيئي ان معاهدي کي تسليم ڪري چڪا آهن، اهي نه ته فلسطيني رياست جو ڪو روڊ مئپ حاصل ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.