پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سخت متاثر ملڪن ۾ شامل آهي: مصدق ملڪ

اسلام آباد (بيورو) موسميات تبديلي بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سخت متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، دوشنبي ۾ عالمي واٽر ڪانفرنس کي خطاب  ڪندي هن چيو ته پاڪستان گذريل سالن دوران ڪيترائي ڀيرا انتهائي شديد ٻوڏن کي منهن ڏنو آهي، هن چيو ته دنيا ۾ ٻه ارب ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ميسر ناهي، جڏهن ته ڪاربن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، مصدق ملڪ چيو ته انڊيا  مسلسل سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته دنيا  ۾ خاص طور آفريقا ۾ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.