پيٽروليم ليوي مد ۾ آءِ ايم ايف جي ٻن قرض پروگرامن کان وڌيڪ اوڳاڙي جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ وفاقي حڪومت طرفان رڳو ٻن سالن دوران شهرين کان پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 2 هزار 725 ارب رپين کان وڌيڪ رڪارڊ وصوليون ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو،  سرڪاري دستاويزن موجب وفاقي حڪومت اپريل 2024 کان مارچ 2026 تائين ٻن سالن دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 2725 ارب رپيا وصول ڪيا، جيڪا رقم آءِ ايم ايف جي ٻنهي قرض پروگرامن جي گڏيل رقم کان به وڌيڪ آهي، دستاويزن موجب آءِ ايم ايف جي جاري ٻنهي قرض پروگرامن جي مجموعي رقم موجوده ايڪسچينج ريٽ موجب پاڪستاني ڪرنسي ۾ لڳ ڀڳ 2340 ارب رپيا بڻجي ٿي، دستاويزن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين نون مهينن جولاءِ 2025 کان مارچ 2026 دوران 1205 ارب رپين کان وڌيڪ ليوي وصول ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل مالي سال 25-2024 ۾ وفاقي حڪومت 1220 ارب 21 ڪروڙ رپيا ليوي طور گڏ ڪيا هئا، ان کانسواءِ اپريل کان جون 2024 جي ٽه ماهي دوران ليوي وصولي 299 ارب 63 ڪروڙ رپيا رهي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.