ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڻي جي بندش خلاف ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ سخت احتجاج ڪيو، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر نويد اينٿوني جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ۽ نعريبازي شروع ڪري ڏني، ميمبرن ”ڪراچي کي پاڻي ڏيو“ جا نعرا هنيا،ڊپٽي اسپيڪر چيو ته سوال جوابن بعد ان معاملي تي ڳالهائينداسين، پر ايم ڪيو ايم ميمبرن احتجاج جاري رکندي چيو ته پاڻي اهم مسئلو آهي، ان تي پهرين ڳالهه ڪئي وڃي، بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر ڪارروائي معطل ڪري اعتراضي نڪتي تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني، سوالن جي وقفي کان پوءِ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته سندس آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ ڪو به ڳالهائي نه سگهندو، ڪراچي هن وقت ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، شهر جا شهري اڃايل آهن ۽ گلشن اقبال سميت اورنگي ۾ به پاڻي ناهي، حڪومتي ميمبر اهو وساري ڇڏين ٿا ته هو حڪومت ۾ آهن ۽ هي اسيمبلي آهي جمعه بازار ناهي، ٻن ڏينهن کان مان پاڻ ٽينڪر ذريعي پاڻي گهرائڻ چاهيان ٿو پر نه پيو ملي، اسان شام جو آفيسن ۾ ويهون ٿا ته ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي وڃي ٿو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پاڻي جي معاملي تي سياست نه ڪئي وڃي، حڪومت ان مسئلي تي سنجيده آهي ۽ ڪي فور منصوبي تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته پاڻي چوري به وڏو مسئلو آهي، جڏهن ته ڪراچي تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪي فور کان سواءِ ٻيو ڪو حل ناهي، جماعت اسلامي جي محمد فاروق به ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته منهنجي تڪ ۾ 36 انچ جي سيوريج لائن جي ڪري سڄو علائقو ندي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، لائن جو ڪم تمام گهڻو سست آهي، مسجد جي سامهون ٻه ٻه فٽ پاڻي بيٺل آهي، ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ سي اي او کي اسان سان ڳالهائڻ لاءِ ملاقات جو وقت ناهي، ايتري دير ڇو ٿي رهي آهي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اهو اهم مسئلو آهي ۽ ان تي ڪم جاري آهي، جيڪو جلد مڪمل ڪيو ويندو.