گلگت بلتستان اليڪشن: بلاول ۽ آصفه طرفان چونڊ مهم هلائڻ جو اعلان

گلگت (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم هلائيندا، پارٽي ذريعن موجب چونڊ مهم جي سلسلي ۾ مجموعي طور تي اٺ وڏا جلسا منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته 31 مئي تي  شگر ۾ بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندو، ذريعن موجب پهرين جون تي خپلو ۾ به بلاول ڀٽو زرداري عوامي اجتماع کي خطاب ڪندو، جڏهن ته 2 جون تي سکردو ۾ پيپلز پارٽي جو چونڊ جلسو ٿيندو، ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته 3 جون تي ديامر ۾ بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن هنزا ۾ بي بي آصفه ڀٽو زرداري چونڊ مهم هلائيندي، چار جون تي غذر ۾ به بلاول ڀٽو زرداري جو عوامي جلسو ٿيندو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن نگر ۾ بي بي آصفه ڀٽو زرداري خطاب ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.