ايف بي آر ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن:نويد قمر

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي  جي اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته 9 مهينن دوران پاڪستان جو واپاري خسارو 32 ارب 19 ڪروڙ ڊالر ٿي چڪو آهي۔نويد  قمر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين نارمل ٽيڪس رجيم هو، پوءِ هڪ سيڪڙو وارو نظام آيو ۽ هاڻي ٻئي لاڳو آهن۔ڪميٽي چيئرمين چيو ته هڪ وقت هو جڏهن چوندا هئا ته نيب ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن، هاڻي ايف بي آر ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن۔بريفنگ دوران ڪميٽي کي اهو به ٻڌايو ويو ته فيبروري 2026ع تائين گيس ۽ پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 5.1 ٽريلين رپيا ٿي چڪو آهي۔ان موقعي تي معيشت جي ماهر علي سلمان چيو ته گيس شعبي جو گردشي قرض تقريبن ٻيڻو ٿي چڪو آهي۔اجلاس دوران ڪميٽي کي اهو به ٻڌايو ويو ته هاڻي وياج جي شرح 10.5 سيڪڙو کان وڌي 11.5 سيڪڙو ٿي چڪي آهي، نوجوانن ۾ بيروزگاري جي شرح 12.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي۔ ملڪ ۾ نوجوان عورتن ۾ بيروزگاري جي شرح 13 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي وئي آهي۔بريفنگ دوران اهو انڪشاف پڻ ڪيو ويو ته غربت جي شرح 2018ع جي 22 سيڪڙو کان وڌي 30 سيڪڙو ٿي وئي آهي۔ ايس پي ڊي سي موجب غربت جي شرح 43.5 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي۔بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ اڻبرابري جي شرح 33.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔اجلاس دوران ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته غيرقانوني واپار ۽ جعلي شيون معيشت لاءِ وڏو خطرو آهن، اسمگلنگ ۽ جعلي مارڪيٽون ٽيڪس نظام ۽ مقامي صنعتن کي نقصان پهچائي رهيون آهن۔ان دوران اهو به ٻڌايو ويو ته ٻوڏن، علائقائي ڇڪتاڻ ۽ زرعي خرچن ۾ واڌ سبب خوراڪي تحفظ کي خطرا لاحق آهن۔ خوراڪ جي وڌندڙ قيمتون ۽ موسمي چئلينجز خوراڪي بحران جو سبب بڻجي رهيا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.