فيلڊ مارشل جي ٽياڪڙي واري ڪردار جو عالمي سطح تي به اعتراف

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٽياڪڙي  واري ڪردار کي عالمي سطح تي به  تسليم ڪيو پيو وڃي۔سي بي ايس نيوز جي رپورٽ موجب فيلڊ مارشل جي تهران دوري ايران-امريڪا ڳالهين کي حتمي نتيجي تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موجوده وچ اوڀر جي صورتحال ۾ خليجي ملڪ ۽ لبنان جنگ جو حصو آهن، پر صرف پاڪستان ئي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو۔سي بي ايس نيوز موجب فيلڊ مارشل جي تهران  کان واپسي تي تجويز ڪيل مسودو ايراني ۽ آمريڪي قيادت کي جائزي لاءِ موڪليو ويو، ۽ کين ٻنهي ملڪن جو اعتماد حاصل آهي۔رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير کي ”مائي فيورٽ فيلڊ مارشل“ قرار ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستاني سياسي ۽ عسڪري قيادت جي هم آهنگي ثالثي جي عمل جو بنيادي عنصر آهي۔سي بي ايس نيوز مطابق ماضي ۾ به پاڪستان امريڪا ۽ چين سميت مختلف ملڪن جي وچ ۾ سفارتي رابطن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.