سنڌ اسيمبلي ۾ ڊگهين تقريرن کان پاسو ڪرڻ گهرجي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته قاعدن ۽ ضابطن تحت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي لاءِ باقاعدا طور تي وقت مقرر ڪيو ويندو آھي، اُن ڪري ھراسيمبلي ميمبر تي لازم آھي ته اھو مقرر وقت جي پابندي ڪري. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالھائيندي ھن چيو ته ڪال اٽينشن نوٽيس جو بنيادي مقصف ڪنھن مسئلي کي مختصر، جامع ۽ اثرائتي انداز ۾ ايران جي سامھون پيش ڪرن آھي . سمورا، ميمبر پنھنجن تڪن جي نمائندگي ڪندا آھن، جيڪا قدر جوڳي ڳالھھ آھي، ڊگھين تقريرن ۽ غير ضروري تفصيلن کان پاسو ڪرڻ گھرجي ته جيئن مقرر وقت اندر سمورا سوال ۽ اُنھن جا جواب مڪمل ٿي سگھن.  ھن چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران وزير وزير اعظم ۽ فيلڊ مارشل جيڪومدبراڻو ۽ دانشمنداڻو ڪردار ادا ڪيو پوري دُنيا اُن تي تعريف ڪري رھي آھي. ھن چيو ته شاھراھ ڀٽو منصوبي جي افتتاح کانپوءِ اُن جي مخالفت ۾ سخت بيان اچڻ شروع ٿي ويا، ٿيڻ ته ايئن گھربو ھو ته جتي سُٺو ۽ معياري ڪم ٿيندو آھي اُن جي پذيرائي ۽ تعريف ٿيڻ گھرجي ھا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.