اسلام آباد(بيورو)ون ڪانسٽیٽیوشن ایونيو اپارٽمينٽ ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اپارٽمينٽ مالڪن کي في الحال نيڪالي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي۔اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اعظم خان ۽ جسٽس انعام امين منهاس تي مشتمل ڊويزن بينچ انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي، جن ۾ اڳوڻو ايئر چيف مجاهد انور خان، اڳوڻو صدر آءِ سي سي احسان ماني ۽ اڳوڻو چيئرمين سينيٽ وسيم سجاد سميت ٻيا شامل هئا۔ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي جي وڪيل مطابق چيئرمين ٻاهرين ملڪ هئا پر جواب جمع ڪرايو ويو آهي۔ٻڌڻي دوران عدالت سوال ڪيو ته ڇا عمارت مڪمل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو هو، جنهن تي سي ڊي اي وڪيل چيو ته اڃا سرٽيفڪيٽ جاري ناهي ٿيو۔جسٽس محمد اعظم خان چيو ته ڇا سي ڊي اي ان وقت سوئي رهيو هو جڏهن مڪمل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ به نه هو ۽ ماڻهن اتي رهائش شروع ڪري ڇڏي؟دلل ٻڌڻ بعد عدالت تاحڪم ثاني حڪم ڏنو ته ون ڪانسٽيٽويشن ايونيو اپارٽمينٽ ڪيس جي اپارٽمينٽ مالڪن کي نيڪالي نه ڏني وڃي۔