ڪراچي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو عدالت مان واپسي تي قتل

کوکراپار (ن ع آ) ڪراچي جي علائقي ملير هالٽ آر سي ڊي گرائونڊ ڀرسان پسند جي شادي ڪندڙ زال مڙس کي عدالت مان واپسي دوران فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، رپورٽن موجب ملير هالٽ ڀرسان گاڏي تي شديد فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، پوليس موجب قتل ٿيل مرد ۽ عورت مڙس زال هئا، جن پسند جي شادي ڪئي هئي ۽ اڄ ئي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجي نڪاح بابت آگاهه ڪيو هو، پوليس ٻڌايو ته ڇوڪري جي اغوا جو ڪيس وارثن طرفان سچل ٿاڻي تي داخل ٿيل هو، جڏهن ته ٻئي پسند جي شادي بعد گڏ رهي رهيا هئا ۽ ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيا هئا، عدالت نڪاح نامو ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد مڙس خلاف اغوا جو ڪيس ختم ڪندي کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو هو، پوليس موجب مقتول جوڙو ملير ڪورٽ مان پيش ٿيڻ بعد سچل واري علائقي ڏانهن واپس وڃي رهيو هو ته رستي ۾ سندن گاڏي روڪي مٿن تاڙ لڳائي فائرنگ ڪئي وئي،  قتل ٿيل ڇوڪري جي سڃاڻپ 20 ورهين جي ناديا ۽ مرد جي سڃاڻپ شروعاتي طور 25 ورهين جي نجيح الله جي نالي سان ٿي، ٻئي طرف سنڌ جي آءِ جي جاويد عالم اوڍو واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ شفاف جاچ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.