وچ اوڀر ۾ امن لاءِ پاڪستان جو تعميري ڪردار ساراهه جوڳو آهي:چيني صدر

بيجنگ(عوعامي آواز نيوز) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيون ٿا۔بيجنگ ۾ چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران صدر شي چيو ته چين پنهنجي پاڙيسري سفارتڪاري ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي ترجيح ڏئي ٿو۔چيني صدر شي چيو ته وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيون ٿا، چين ۽ پاڪستان هڪ ناقابلِ شڪست روايتي دوستي قائم ڪئي آهي۔هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چين آمد تي ڀليڪار چئون ٿا، ڄاڻ آهي ته فيلڊ مارشل ايران مان واپس آيا آهن، امن لاءِ مثبت ڪوششون ۽ ثالثي وارا قدم ساراهه جوڳا آهن۔صدر شي جن پنگ چيو ته چين ۽ پاڪستان کي گڏجي هڪ طرفي قدمن ۽ سرد جنگ واري ذهنيت جي مخالفت ڪرڻ گهرجي، چين ۽ پاڪستان کي اعليٰ سطح ۽ وڌيڪ وسيع سلامتي تعاون کي اڳتي وڌائڻ گهرجي۔ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي چيني وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ٿي، جتي پاڪ چين شراڪتداري کي اعليٰ معيار جي سهڪار جي نئين مرحلي ۾ داخل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ان موقعي تي سيڙپڪاري، زراعت، موسمياتي تبديلي ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار لاءِ 15 مفاهمتي يادداشتن تي صحيون ڪيون ويون۔ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪ چين ڊگهي مدي واري حڪمتِ عملي تي ٻڌل شراڪتداري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لوهي دوستي، حڪمتِ عملي وارو سهڪار، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهي، چيني صدر شي چيو ته وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيون ٿا، چين ۽ پاڪستان هڪ ناقابلِ شڪست روايتي دوستي قائم ڪئي آهي۔ فيلڊ مارشل عاصم منير کي چين آمد تي ڀليڪار چئون ٿا، ڄاڻ آهي ته فيلڊ مارشل ايران مان واپس آيا آهن، امن لاءِ مثبت ڪوششون ۽ ثالثي وارا قدم ساراهه جوڳا آهن۔صدر شي جن پنگ جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان کي گڏجي هڪ طرفن قدمن ۽ سرد جنگ واري ذهنيت جي مخالفت ڪرڻ گهرجي، چين ۽ پاڪستان کي اعليٰ سطح ۽ وڌيڪ وسيع سلامتي تعاون کي اڳتي وڌائڻ گهرجي۔ان کان اڳ بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ ۽ ڳالهين کي صحيح رخ تي آڻڻ لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي۔هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا تاريخ جي هڪ نازڪ موڙ تي بيٺي آهي۔ ان دوران خليجي علائقي جي بحران جي حل لاءِ پاڪستان مخلصاڻِي ثالثي ڪئي آهي۔ وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پنهنجي تهران دوري دوران ايراني ۽ آمريڪي قيادت وچ ۾ رابطا قائم ڪيا۔شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير هن اهم مشن جي تڪميل لاءِ لڳاتار سفر ۾ رهيا ۽ سمورين مصروفيتن باوجود هن عمل کي يقيني بڻايو۔ وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ڌرين وچ ۾ معاملا هاڻي صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، جيڪو علائقي لاءِ خوش آئند آهي۔ان کان اڳ چيني وزيراعظم لي چيانگ مهمان هم منصب شهباز شريف جو استقبال ڪيو، جتي کين چيني هٿياربند فوجن طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو۔وزيراعظم چين جي دوري کي خوش آئند قرار ڏيندي چيو ته هر ڀيري چين اچڻ تي ترقي ۽ جديد تعميرن جو نئون منظر ڏسڻ لاءِ ملي ٿو۔هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ چين هن وقت پنهنجي سفارتي دوستي جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهائي رهيا آهن۔ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو بنياد باني قيادت رکيو هو، جنهن کي هاڻي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش جاري آهي۔شهباز شريف امن ۽ جنگبندي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي حمايت تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جو شڪريو پڻ ادا ڪيو۔ هن واضح ڪيو ته پاڪستان چين جي چئن نڪاتي ايجنڊي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ علائقي ۾ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن جو خواهشمند آهي۔ان دوران چيني وزيراعظم لي چيانگ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ويجهي رابطن ۽ اثرائتي هم آهنگي ذريعي گڏيل مفادن جي تحفظ ۽ علائقائي استحڪام ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي۔هن چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪمتِ عملي واري رهنمائي فراهم ڪندي۔چيني قيادت ان عزم جو به اظهار ڪيو ته بيجنگ پاڪستان سان روايتي دوستي کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ، عملي سهڪار کي وسيع ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپيءَ وارن سڀني معاملن تي ويجهي صلاح مشورا جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم چيو ته مان صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جو پڻ شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن امن جي ڪوششن ۽ جنگبندي واري قدم جي حمايت ڪئي۔“هن چيو ته اسان کي امن جي بحالي ۽ معمولي اقتصادي سرگرمين جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.