جاپان ۾ پوليس هڪ عورت کي پاڻ سان گڏ رهندڙ هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سبي ڇڏڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب، واقعي کان پوءِ 42 ورهين جي متاثر عورت ڪوگا شهر ۾ موجود گهر مان ڀڄي ويجهو هڪ دڪان تي پهتي، جتي هن ڪاغذ تي ”مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪريو“ لکي ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو.
ان کانپوءِ جاپان جي اوڀر واري صوبي ايباراڪي جي پوليس 49 ورهين جي عورت ماسائي ساڪورائي کي حملي جي شڪ ۾ گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته 29 جون تي پيش آيل واقعي دوران ساڪورائي متاثر عورت سان گڏ رهندي هئي ۽ انهيءَ دوران هن مبينا طور پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سبي ڇڏيا.
پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته اهو به معلوم ڪيو پيو وڃي ته ڇا ان گهر ۾ ڪو ٽيون شخص به رهندو هو يا نه.
جاپان جي سرڪاري نشرياتي اداري اين ايڇ ڪي موجب، زخمي عورت پوليس کي ٻڌايو ته، ”جوابدار ڪنهن تڪرار تي ڪاوڙجي پئي ۽ منهنجا چپ سبي ڇڏيا“.