ڇا توهانکي خبر آهي؟ شرم اچڻ يا لڄي ٿيڻ سان چهرو ڳاڙهو ڇو ٿي ويندو آهي!

اسان مان گهڻن سان ائين ٿيو هوندو ته ڪنهن تعريف ڪئي، اوچتو سڀني جي سامهون ڳالهائڻو پيو، يا ڪا غلطي ظاهر ٿي پئي مطلب ڪا به شرمندگي واري ڳالهه ٿي وئي ته منهن ڳاڙهو ٿي ويندو آهي. پر سوال اهو آهي ته آخر شرم اچڻ سان چهرو ڳاڙهو ڇو ٿيندو آهي؟

ان جو تعلق جسم جي اعصابي نظام (Nervous System) ۽ رت جي نالين سان آهي.

جڏهن انسان کي شرم، پريشاني يا اوچتو جذباتي احساس ٿيندو آهي ته دماغ جو هڪ حصو Hypothalamus جسم کي سگنل موڪليندو آهي. ان کان پوءِ جسم ۾ Sympathetic Nervous System سرگرم ٿي ويندو آهي، جيڪو ”خطري يا جذباتي ردعمل“ واري نظام جو حصو آهي.

ان عمل دوران چهري جي چمڙي هيٺ موجود رت جون ننڍيون ناليون (Blood Vessels) ويڪريون ٿي وينديون آهن، جنهن سبب چهري ڏانهن رت جي وهڪري ۾ واڌ ٿي ويندي آهي. رت جي وڌيڪ اچڻ جي ڪري چهرو ڳاڙهو نظر اچڻ لڳندو آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شرم سبب ڳاڙهو ٿيڻ وارو عمل گهڻو ڪري چهري، ڪنن ۽ ڳچيءَ ۾ وڌيڪ نظر ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن هنڌن تي رت جون ناليون چمڙي جي ويجهو هونديون آهن.

سائنسدانن موجب، شرم اچڻ سان چهرو ڳاڙهو ٿيڻ انسانن ۾ هڪ خاص سماجي ردعمل به سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ڪو ماڻهو شرمندگي محسوس ڪندي ڳاڙهو ٿئي ٿو ته اهو ٻين ماڻهن کي اڻ سڌي ريت اهو پيغام ڏئي سگهي ٿو ته ”مون کي پنهنجي عمل جو احساس آهي“. ان سان سماجي لاڳاپن ۾ اعتماد وڌڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

پر هر ماڻهو جو چهرو شرم اچڻ تي هڪجهڙو ڳاڙهو نٿو ٿئي. ڪجهه ماڻهن ۾ اهو عمل وڌيڪ نمايان هوندو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ۾ تمام گهٽ، جنهن جو تعلق جسماني بناوت، چمڙي جي رنگ ۽ اعصابي ردعمل سان هوندو آهي.

يعني چهرو ڳاڙهو ٿيڻ اصل ۾ شرمندگي جو ڪو راز نه، پر دماغ، اعصاب ۽ رت جي نالين جي وچ ۾ ٿيندڙ هڪ قدرتي سائنسي عمل آهي.

دلچسپ حقيقت: انسان واحد جاندار آهي جنهن ۾ شرمندگي جو اهو ظاهري ڳاڙهو ٿيڻ وارو ردعمل ايترو نمايان ڏٺو وڃي ٿو.

You might also like