ڪعبت الله جِي مختصر تاريخ

ياسر قاضي

”لبيڪ اللٰهم لبيڪ…“ جُون صدائُون بلند ڪندڙ سڄيءَ دنيا مان آيل حاجي سڳورا، اڄ عرفات جي ميدان ۾ ڪٺا آهن ۽ حج جو اهم ترين رڪن ”وقُوفِ عرفه“ ادا ڪري رھيا آهن. سڀاڻي هُو الله جي گهرَ ڪعبت الله شريف جي چوڌاري ”طوافِ زياره“ ڪندا ۽ ٻه ڏينھن بعد ”طوافِ وداع“ ڪري مديني يا پنھنجن پنھنجن ملڪن ڏانھن روانا ٿي ويندا. ڪعبت الله شريف صدين کان دنيا جي انسانن جي هڪ وڏي انگ جي عقيدت جو مرڪز رهيو آهي. مڪي پاڪ جي واديءَ ۾ واقع ڪعبو شريف (بَيتُ الله) دنيا جي قديم ترين عبادتگاهن مان هڪ آهي، جيڪا صرف هڪ عام اڏاوت نه، پر سڄيءَ دنيا جي مسلمانن جو قبلو آهي، جنھن ڏانھن منھن ڪري سڄي عالم جا مسلمانَ، اسلام جي عظيم ترين عبادت ــ ’نماز‘ ادا ڪندا آهن. اسلامي روايتن موجب، ڪعبي شريف جي تاريخ انسان جي تخليق کان به اڳ جي آهي. چيو وڃي ٿو ته سڀ کان اڳ ڪعبي جو بنياد ملائڪن رکيو هو. زمين تي سڀ کان پھريان حضرت آدم عليه السلام ملائڪن جي نشاندهي ڪرڻ تي ڪعبي جي باقاعدي اڏاوت ڪئي. اها به روايت بيان ڪئي ويندي آهي ته حضرت نوح عليه السلام جي دؤر ۾ آيل عظيم طوفان سبب ڪعبي جي اڏاوت مسمار ٿي وئي ۽ ان جا نشان مٽجي ويا، پر ان جا بنياد محفوظ رهيا. تنھن بعد قرآن پاڪ جي ارشاد موجب، الله تعاليٰ حضرت ابراهيم عه کي ان پاڪ جاءِ جي نشاندهي ڪئي. حضرت ابراهيم عه، پنھنجي پُٽَ حضرت اسماعيل عه سان گڏجي، اڄ کان تقريباً 4 هزار سال اڳ (تاريخي اندازي موجب 2000 قبل مسيح ڌاري) انهن قديم بنيادن تي ڪعبي کي نئين سر تعمير ڪيو. ان اڏاوت دؤران جڏهن ڪعبي جُون ڀتيُون مٿي ٿيون ته حضرت ابراهيم عه هڪ پٿر تي بيھي ان جِي اوساري ڪئي، جنھن پٿر کي ”مقامِ ابراهيم“ چيو وڃي ٿو. ان ئي اڏاوت دؤران جنت جو پٿر ”حجرِ اسود“ (ڪارو پٿر) پڻ ڪعبي جي ڪُنڊ ۾ لڳايو ويو، جيڪو اڄ تائين ان ۾ نصب ٿيل آهي ۽ سڄيءَ دنيا مان آيل زائرين ان کي چُمڻ پنھنجي خوشقسمتي سمجهندا آهن. روايت آهي ته ڪعبي شريف جو طواف (ان جي چوڌاري ڦرڻ) تڏهن کان ئي شروع ٿيو، جڏهن کان ملائڪن ۽ حضرت آدم عه ان جي اڏاوت مڪمل ڪئي. طواف جو مقصد الله جي وحدانيت جو اقرار ۽ ملائڪن جي ان عمل جي پيروي آهي، جيڪي عرشِ معليٰ جو طواف ڪندا آهن.

ڪعبي جِي هڪ اڏاوت قريش جي دؤر ۾ به ٿي، جڏھن پاڻ سڳورن ﷺ جي عمر 35 سال هئي ۽ مٿن اڃا نبوت نازل ڪانه ٿي هئي. چيو وڃي ٿو ته هن تعمير ۾ ڪعبي جو هڪ حصو ٻاهر ڇڏيو ويو، جنھن کي ”حطيم“ چيو ويندو آهي. ان موقعي تي رسول الله ﷺ حجرِ اسود کي پنھنجن مبارڪ هٿن سان نصب ڪري ٻن قبيلن جو تڪرار ختم ڪرايو. ان بعد حضرت عبدالله بن الزبير 64 هجريءَ ۾ ڪعبي کي ٻيھر حضرت ابراهيم وارن بنيادن تي تعمير ڪرايو ۽ حطيم کي ڪعبي جي اندر شامل ڪيو. ان کان 10 سال پوءِ 74 هجريءَ ۾ ابن الزبير جي شھادت کانپوءِ حجاج بن يوسف ڪعبي کي ٻيھر قريش واري نموني تي اَڏي، حطيم کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. 17هين صدي عيسويءَ ۾ 1631ع ۾ عثماني خليفي ــ ’سلطان مراد چوٿين‘ عظيم ٻوڏ کانپوءِ ڪعبي جي نئين سر شاندار تعمير ڪرائي، جنھنجي بناوت اڄ به موجود آهي. ويھين صديءَ ۾ سعودي دؤر ۾ ڪعبي جي تعمير ۾ واڌارا ڪيا ويا. هن صديءَ ۾ آلِ سعود جي دؤر ۾ مسجد الحرام ۽ ڪعبي شريف ۾ سڀ کان وڏا واڌارا ٿيا. شاهه عبدالعزيز جي دؤر ۾ پھرين سعودي توسيع ۾ مسجد الحرام جي مرمت ۽ حاجين جي سھولت لاءِ رستن کي ويڪرو ڪيو ويو. تنھن بعد شاهه سعود ۽ شاهه فيصل جي دؤر ۾ مطاف (طواف واري جاءِ) کي وسيع ڪيو ويو، ’مقامِ ابراهيم‘ تي شيشي جو سھڻو غلاف لڳايو ويو ۽ صفا مروه جي سعيءَ واري جاءِ کي مسجد جي اندر شامل ڪيو ويو. شاهه فھد جي دؤر ۾ ٻِين سعودي توسيع 1988ع ۾ ٿي، جنھن ۾ ڪعبي جي اندروني ڀتيُن، ٿنڀن ۽ ڇت جي مڪمل مرمت ڪئي وئي ۽ هڪ نئون شاندار حصو مسجد الحرام ۾ شامل ڪيو ويو، جنھن سان منجهس حاجين جي گنجائش لکن تائين پھتي. ان کانپوءِ شاهه عبدالله ۽ شاهه سلمان جي دؤر ۾ ٽِين سعودي توسيع واري منصوبي ۾ ڪعبي شريف سميت پوريءَ مسجد الحرام ۾ ايئر ڪنڊيشننگ سسٽم لڳو، نوان مينارَ ٺاھيا ويا ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جا جديد انتظام ڪيا ويا ۽ مطاف کي ايترو وسيع ڪيو ويو جو هاڻي هڪ ئي وقت لکين ماڻهو ڪعبي جو طواف ڪري سگهن ٿا.

پراڻن ۽ جديد سعودي واڌارن سميت، هن وقت مسجد الحرام جي ڪل پکيڙ اٽڪل 10 لک چورس ميٽر آهي، جنھنجي اندر ۽ ڇت تي هڪ ئي وقت 25 لکن کان وڌيڪ نمازي نماز پڙهي سگهن ٿا. هن عظيم الشان مسجد ۾ زائرين جي اچ وڃ لاءِ ننڍا وڏا ڪل ملائي 210 کان وڌيڪ دروازا موجود آهن، جن ۾ بابِ ملڪ عبدالعزيز، بابِ فھد ۽ بابِ عبدالله سڀ کان وڏا ۽ مکيه لنگهه آهن. ان مسجد اندر ڪعبت الله شريف هڪ مستطيل نما (چورس) عمارت آهي، جنھن جي اوچائي 46 فٽ (14 ميٽر) آهي. ان جي دروازي واري ڀت ۽ ان جي سامهون واري ڀِت جي ڊيگهه 38 کان 39 فٽ آهي، جڏهن ته حطيم وارِي ديوار ۽ ان جي سامهون واري ڀِت 33 فٽ ڪشاديون آهن. ڪعبي جي اندروني فرش جي ڪل پکيڙ 145 چورس ميٽر آهي.

حضرت ابراهيم عه پاران ڪعبي جي تعمير کانپوءِ طواف کي حج جو بنيادي رڪن بڻايو ويو. حج جي باقاعدي شروعات حضرت ابراهيم عه جي دؤر کان ٻڌائي وڃي ٿي. پاڻ سڳورن ﷺ جن جي بعثت کانپوءِ، مڪي جي فتح کان هڪ سال پوءِ، اڄ کان 1438 ورهه اڳ 9 هجريءَ ۾ حج کي مسلمانن تي فرض ڪيو ويو. ڪعبي جي طواف کي شروع کان ئي حج ۽ عمري جو لازمي جُز قرار ڏنو ويو آهي. عمري توڙي حج جي موقعي تي ڪعبي جي چوڌاري 7 چڪرَ لڳائڻ (طواف) کانسواءِ حج توڙي عمرو مڪمل تصوّر نٿو ڪيو وڃي.

ڪعبت الله مختلف زمانن ۾ مختلف مذهبن جي عبادتگاهه رهيو آهي. بنيادي طور تي هي رڳو هڪ الله جي عبادت لاءِ ٺاھيو ويو هو. حضرت آدم عه، نوح عه ۽ ابراهيم عه جي ’دينِ حنيف‘ (توحيد واري دين) جي پيروڪارن به ڪعبي کي الله جي عبادت جو محور مڃي ان رستي الله جي عبادت ڪئي. حضرت اسماعيل عه جي نسل ۾ صدين کانپوءِ جڏهن گمراهي آئي ته قريش ۽ ٻين قبيلن ڪعبي ۾ 360 بت رکي ڇڏيا. ان دؤر ۾ بيت الله مشرڪن جِي وڏي عبادتگاهه بڻجي ويو. 630ع (8 هجريءَ) ۾ پاڻ سڳورن ﷺ مڪو فتح ڪري ڪعبي کي بتن کان پاڪ ڪيو ۽ ان کي قيامت تائين صرف مسلمانن جو قبلو ۽ خالص توحيد جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. ان کان 6 ورھه اڳ، 2 هجريءَ ۾ (شعبان جي مھيني بمطابق فيبروري 624ع ۾) مسلمانن جو قبلو ’بيت المقدس‘ (يروشلم) مان مَٽائي بيت الله (ڪعبت الله شريف) ڪيو ويو.

قرآن پاڪ ۾ ڪعبي جو ذڪر مختلف نالن سان آيو آهي، جھڙوڪ: ’بيت الله‘ (الله جو گهر)، ’بَيتُ العَتِيق‘ (قديم گهر)، ’مسجد الحرام‘ ۽ ’بڪه‘ (مڪي جو قديم نالو). توريت ۽ انجيل (بائيبل) ۾ ڪعبي جو سنئون سڌو ذڪر ته ڪونهي، پر مڪي جو ذڪر ”پراڻي عھدنامي“ ۾ ”واديءِ باڪا“ (Valley of Baca) جي نالي سان آيو آهي.

تاريخ ۾ ڪعبي تي مختلف دؤرن ۾ حملا به ٿيا، جن سان ڪعبي کي نقصان به پھچندو رھيو. جن مان ’اصحابِ فيل‘ (ابرها جي حملي) بابت ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ۽ قرآن پاڪ جي سُورۃ الفيل به اسانکي ان بابت ٻڌائي ٿي. هي واقعو نبي ڪريم ﷺ جي پئدائش واري سال (570ع) ۾ پيش آيو، جڏهن يمن جي عيسائي گورنر ’ابرها‘، هاٿين جو لشڪر وٺي ڪعبي کي ڊاهڻ لاءِ حملو ڪيو. الله تعاليٰ ابابيل پکين ذريعي مٿن پٿريون وسائي ان سڄي لشڪر کي ناس ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ يزيد بن معاويه جي بنُو اُميه دؤر ۾ 63 هجريءَ ۾ مڪي جي محاصري دؤران منجنيق جي پٿرن لڳڻ سبب ڪعبي جي ڀتين کي نقصان پھتو ۽ ان ۾ باهه لڳي. ان کانپوءِ حجاج بن يوسف جي دؤر ۾ ابن الزبير خلاف جنگ دؤران به ڪعبي تي پٿر وسايا ويا. 317 هجريءَ ۾ ”قرامطه“ نالي بحرين جي هڪ باغي فرقي مڪي تي حملو ڪري هزارين حاجين کي شھيد ڪيو ۽ حجرِ اسود کي پَٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، جيڪو لڳ ڀڳ 22 سالن تائين انهن جي قبضي ۾ رهيو.

ڪعبو شريف هڪ واديءَ جي گهيري ۾ هجڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا شديد ٻوڏُن (سيلابن) جو شڪار به ٿيندو رھيو آهي. نبي ڪريم ﷺ جي جوانيءَ واري دؤر ۾ مڪي ۾ هڪ وڏي ٻوڏ آئي هئي، جنھن ڪعبي جي ڀتين کي ڪمزور ڪري ڇڏيو، جنھن کانپوءِ قريش جي قبيلي وارن ان جي ٻيھر اڏاوت ڪئي. عثماني خلافت جي دؤر ۾ 1629ع ۾ اهڙي خطرناڪ تاريخي ٻوڏ آئي، جنھن ۾ ڪعبي جون ٽي ڀتيُون ڪِري پيون. 1941ع جي ويھين صديءَ جي وڏِي ٻوڏ ۾ مڪي ۾ ايترو پاڻي جمع ٿي ويو، جو ماڻهو ترندي ڪعبي جو طواف ڪري رهيا هئا.

ڪعبت الله جي اڏاوت ۽ بقا جي اها تاريخ ظاهر ڪري ٿي ته الله جو هِي گهر انساني تاريخ جي هر لاهي چاڙهي جو گواھه رهيو آهي. اڄ به هي سڄيءَ دنيا جي مسلمانن لاءِ امن، ايمان ۽ روحاني سڪون جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.