لکي ڀرسان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار جو نبيرو، ڌرين مٿان 2 ڪروڙ کان مٿي ڏنڊ

لکي غلام شاهه (رپورٽ نديم جان مهر) لکي غلام شاهه  ڀرسان مهر هائوس وزير آباد ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو، ڌرين مٿان ٻه ڪروڙ 15 لک 25 هزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، مهر هائوس وزير آباد تي مهر برادري جي جمال الدين مهر، غوث بخش مهر /علي محمد مهر علي حسن مهر جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر جي سرپئنچي ھيٺ ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 4 خون ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي شامل آهن، فيصلي ۾ جمال الدين غوث بخش مهر واري ڌر جي ٻن خونن 10 کان وڌيڪ زخمين جا علي محمد، علي حسن واري ڌر مٿان هڪ ڪروڙ 21 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته علي محمد، علي حسن واري ڌر جي ٻن خونن ۽  6 زخمين جا جمال الدين غوث بخش واري ڌر مٿان 95 لک 25 هزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، مجموعي طور ڌرين جي چئن قتلن ۽ 16 زخمين جا ٻه ڪروڙ 15 لک 25 هزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڌرين فتوا قبول ڪري ورتي، واضع رهي ته ڳوٺ عامل مهر م ڪيترن سالن کان ڌرين وچ ڇڪتاڻ ھلندڙ هئي جنهن جو فيصلو ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو، مهر هائوس وزير آباد مهر برادري جي ٻن عبدالرحيم مهر جمال الدين مهر وچ عورت جي قتل تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جو  نبيرو اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر وٽ فيصلو ڪيو ويو جنهن جمال الدين مهر مٿان عبدالرحيم مهر جي بيواهه ڀيڻ کي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 50 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته بيواهه عورت جي ٻارن مٿان تشدد ڪرڻ جا پڻ هڪ لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڌرين فتوا قبول ڪري ورتي هڪ لک روپيا ٿڏي تي ادا ڪيا ويا باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.