آمريڪا کي پيٽ ۾ سور ان ڪري آهي جو ايران ان آڏو گوڏا نٿو کوڙي، آمريڪا اڳيان جهڪي نٿو ، آمريڪا جي هر بي معنيٰ ڳالهه کي مڃي نٿو. ان ڪري اها نرالي شخصيت، جيڪا وائيٽ هائوس ۾ ويٺي آهي، ڏند ڪرٽي رهي آهي. سندس وس نه پيو هلي، نه ته ايران کي بلڪل ختم ڪري ڇڏي ها. اسرائيل جي ڇا ڳالهه ڪجي، اهو ته شرارت تي تيار ٿيو بيٺو آهي ۽ آمريڪا کي هن جنگ ۾ آڻي پنهنجو مفاد پورو ڪري رهيو آهي. مسئلو ته آمريڪا جو پيدا ڪيل آهي ۽ آمريڪا جي ڪري سڄي دنيا جو مسئلو بڻجي ويو آهي، ڇو ته تيل ۽ گيس جون قيمتون وڌي ويون آهن. ان معاشي ڌڪ کي سڄي دنيا برداشت ڪري رهي آهي. بيوقوفيءَ جي نتيجن مان نڪرڻ لاءِ آمريڪا ڪنهن تي ڀاڙي رهيو آهي؟ پاڪستان تي. پر پاڪستان جو مسئلو اهو آهي ته اهو نيڪ نيتي سان ٽياڪڙي ته ڪري سگهي ٿو، پر ايران کي گوڏا کوڙائڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهي. ايراني اسان جي ڳالهه ٻڌي رهيا آهن، پر اسان جي ڳالهين سبب هو زمين تي ڪري ته نه پوندا. تنهن ڪري آمريڪي صدر ڏند ڪرٽيندو رهي ٿو.
رعب تڏهن ڪم ايندو آهي، جڏهن توهان جي ڳالهه هلي، توهان جا حربا ڪامياب ٿين. هتي مسئلو اهو آهي ته بنا سبب، بنا ڪنهن اشتعال جي، آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملو ڪري ڇڏيو، ان اميد تي ته ايران جي اسلامي رياست ختم ٿي ويندي ۽ آمريڪا جيڪو چاهي سو ڪري سگهندو. ائين نه ٿيو. ايرانين حملا برداشت ڪيا، تباهي سَٺي، پر پنهنجي جاءِ تي بيٺا رهيا ۽ آمريڪا اڳيان نه جهڪيا. رڳو ايترو ئي نه، هنن سڄي خليج ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي ۽ علائقي ۾ هر آمريڪي فوجي اڏي کي نشانو بڻايو. نقصان برداشت ڪيو، پر آمريڪا، اسرائيل ۽ علائقي ۾ آمريڪي ساٿين کي به نقصان پهچايو. ايتري تائين جو ايران آبنائي هرمز کي به بند ڪري ڇڏيو ۽ ان هڪ قدم جا اثر سڄي دنيا تائين پهچي ويا. آمريڪا جو انوکو صدر رڳو ڌمڪيون ڏيندو ۽ ڏند ڪرٽيندو رهيو. اڄ تائين صورتحال اها آهي ته صدر ٽرمپ پريشانيءَ ۾ ڦاٿل آهن، ڌمڪيون ڏيندو رهي ٿو، پر کيس پنهنجي پيدا ڪيل بحران مان نڪرڻ جو رستو نٿو ملي. پاڪستان جي ٽياڪڙي تي زور آهي ته ڪجهه ڪيو، اسان ڪري به رهيا آهيون، پر جيڪڏهن آمريڪي ميزائل ۽ بمبار ايران کي هٿيار ڦٽا ڪرائي نه سگهيا ته اسان جي نيڪ نيتيءَ سبب به ايران هٿيار ڦٽا نه ڪندو.
حملو ڪرڻ جو ڪو سبب هجي يا نه هجي، جيڪڏهن حملو ڪندڙ ڪامياب نه ٿئي ته کيس پوئتي هٽڻو پوندو آهي. آمريڪا جي چڙهائي ڪامياب نه ٿي، سچ ته اهو آهي ته سندس ڏند کَٽا ٿي ويا آهن، پر مسئلو اهو آهي ته آمريڪا پنهنجي بيوقوفيءَ تان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي. ساڳيو پراڻو سبب آهي ته جيڪڏهن پوئتي هٽندو ته نڪ ڪٽجي ويندي، دنيا ڇا چوندي، آمريڪا جا ماڻهو ڇا چوندا ته ڪجهه حاصل ئي نه ٿيو ته پوءِ اها جنگ ڇو ڇيڙي وئي؟ ان خواريءَ جي ڊپ کان وائيٽ هائوس بي وس ٿي ويو آهي. ايران هٿان خواري ٿي به وئي، پر عقل جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن، ڇو ته نڪ ڪٽجڻ جو مسئلو آهي. پاڪستان کي ڇڏيو، ڪو حڪيم لقمان به هن بيماريءَ جو علاج ڇا ڪندو؟
ايراني ڇا پيا چون؟ ته جنگ ختم ڪريو ۽ جنگ بنديءَ جو مطلب آهي هر محاذ تي جنگ بند ٿيڻ، جنهن ۾ ڏکڻ لبنان به شامل آهي. يعني امن جي هڪ شرط اها آهي ته صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي ضابطي ۾ آڻي. ٻيو، ايراني چئي رهيا آهن ته يورينيم افزودگيءَ جي هڪ حد تائين پابندي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن. 2015ع واري معاهدي ۾ افزودگيءَ جي حد 3.67 سيڪڙو هئي، جنهن سان ايٽمي هٿيار نٿو ٺهي سگهي. هاڻي به هو ساڳي ڳالهه لاءِ تيار آهن، پر جيڪو افزودہ يورينيم وٽن موجود آهي، اهو آمريڪا حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. يعني ايٽمي معاملي تي هو لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن، پر پاڻ کي ذليل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. آمريڪا ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيو آهي ته جيتوڻيڪ سندس حملو ڪامياب نه ٿيو، مقصد پورا نه ٿيا، تڏهن به ايران ذلت قبول ڪري. ايراني انڪار ڪري رهيا آهن. هو چون ٿا ته جيڪو اوهان جنگ ذريعي حاصل نه ڪري سگهيا، اهو ڳالهين جي ميز تي به نه ملندو. ان تي آمريڪي وڌيڪ ڏندڪِرٽڻ لڳن ٿا.
هڪ ٻيو مسئلو اهو آهي ته ايراني چئي رهيا آهن ته آبنائي هرمز مان آمدرفت بحال ٿئي، پر ان گذرگاهه تي ايران جو ڪنٽرول رهندو. يعني ايران اهو تسليم ڪرائڻ چاهي ٿو ته آبنائي هرمز تي حاڪميت ايران جي آهي. هن بي سبب جنگ جو سڀ کان وڏو نتيجو اهو نڪتو آهي ته آبنائي هرمز تي ايران جي حاڪميت وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي. يعني جيڪو مسئلو اڳ هو ئي نه، آمريڪا ان جنگ سبب مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي. ايراني اهو به چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اسان کان رعايتون گهرجن ٿيون ته پنهنجي پاسي کان به ڪجهه رعايتون ڏيو. ايراني تيل تي معاشي پابنديون ختم ڪريو ۽ اسان جا منجمد اثاثا واپس ڪريو. ان تي به آمريڪا ناراض آهي. ڪو انهن عقل وارن کان پڇي ته مسئلو اوهان جو، جارحيت اوهان جي، خراب ارادا اوهان جا، ايراني قيادت تي قاتلاڻا حملا اوهان جا، ۽ جڏهن اهي سڀ ڪامياب نه ٿيا ته مطالبا به اوهان جا. جيڪڏهن ايران جو حشر وينزويلا جهڙو ٿئي ها ته پوءِ اوهان پنهنجي مرضي هلايو ها، ايران تي حڪم هلايو ها، من مانيون ڪريو ها، پراڻا حساب چڪايو ها. اسلامي رياست کي ذليل ڪريو ها. جڏهن اهو سڀ نه ٿي سگهيو ته ڪجهه لچڪ ته اوهان تي به لازم ٿئي ٿي.
ڪنهن معاهدي لاءِ پاڪستاني قيادت ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ڪردار کي هر ڪو مڃي رهيو آهي. پر جتي آمريڪي مطالبا حقيقت کان ايترا پري هجن، اتي پاڪستان ڇا ڪري سگهي ٿو؟ آمريڪي صدر کي ڪيئن چئجي ته سائين، پنهنجي حماقت ڪجهه گهٽ ڪريو، جيڪڏهن ائين ڪيو ته شايد امن معاهدو جلد ٿي سگهي. پر ٽرمپ اڃا به پنهنجي خيالن جي گهوڙن تي سوار آهن. البت هڪ نئين ڳالهه اها آهي ته وائيٽ هائوس ۾ به اهو احساس وڌي رهيو آهي ته جيترو جلد هن بحران مان نڪربو، اوترو صدر ٽرمپ لاءِ بهتر ٿيندو. هاڻي رڳو عزت بچائڻ جو مسئلو رهجي ويو آهي ته جيڪو به معاهدو ٿئي، ان کي آمريڪي عوام اڳيان فتح طور ڪيئن پيش ڪجي.