ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪوئيٽا ۾ دهشت گردي جي واقعي جي سخت مذمت، يمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ وڌندڙ دهشت گردي جا واقعا جتي مذمت جوڳا آهن اتي سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿارين ٿا. شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ امن قائم ڪرڻ انهن جي بنيادي ذميواريون آهن، هن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي پنهنجي حقيقي ذميواري پوري ڪن. صوبائي امير متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.