غير قانوني مال جي منڊين خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي(رپورٽر ) غير قانوني مال جي منڊين خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون، ڪيترائي گرفتار, سيد حسن نقوي جي خاص هدايتن تي ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ غير قانوني مال جي منڊين  خلاف وڏي پيماني تي ڪارروايون ڪيون ويون، جن دوران ڪيترن ئي ذميوارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آهن.ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي چيو آهي ته غير قانوني مال جي منڊين سبب شهر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام سخت متاثر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٽرئفڪ جي وڌندڙ دٻاءَ سبب شهري سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔شاهه فيصل ڪالوني ۾ غير قانوني مال جي منڊي قائم ڪرڻ تي ذميوار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ ٻئي پاسي ضلعي سينٽرل ۾ طهٰ سليم جي نگراني هيٺ پيالو هوٽل ڀرسان قائم مال جي منڊي هڪ ڀيرو ٻيهر ختم ڪئي وئي۔ ضلعي سينٽرل ۾ صبا سينيما، عيسيٰ نگري ۽ سنگو لين ڀرسان قائم غير قانوني منڊيون پڻ ختم ڪيون ويون آهن۔ هوڏانهن ضلعي ڪورنگي ۾ مسعود ڀٽو جي اڳواڻي ۾ مخدوم سوسائٽي اي ٿري، ڪورنگي نمبر 5 نزد پل، ناصر جمپ، نيو ٽائون پي ايس، 16000 روڊ چڪرا ڳوٺ، پنجاب گرائونڊ شاهه فيصل ۽ ريتا پلاٽ شاهه فيصل مان غير قانوني مال جون منڊيون هٽايون ويون۔ ان کان علاوه ضلعي ڪياماڙي ۾ امير فضل اويسي جي نگراني هيٺ ماڙي پور ٽرڪ اسٽينڊ تي قائم وڏي غير قانوني مال جي منڊي ختم ڪئي وئي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.