تاريخ ڪنهن کي به معاف ناهي ڪندي

ثوبيا کوسو

ايم آر ڊي تحريڪ جا اهي انمول هيرا، جن آمريت جي اونداهين راتين ۾ جمهوريت جو ڏيئو روشن رکيو، اڄ به ناانصافين، ڏکن ۽ رياستي جبر جا بار کڻي رهيا آهن. گل حسن عمراڻي جي ڳوٺ تي پوليس جو ڪڙو چڙهيل هجڻ، اصل ۾ ان تاريخ جي ياد ڏياري ٿو، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ نه، پر عوام جي حقن، جمهوريت جي بحالي ۽ سنڌ جي آواز لاءِ قربانيون ڏنيون هيون.

سن 1984ع ۾ جنرل ضياءَ الحق جي آمراڻي دور خلاف هلندڙ ايم آر ڊي تحريڪ دوران چمبڙ مزاحمت جو هڪ اهم مرڪز بڻجي اڀريو. ان تحريڪ ۾ گل حسن عمراڻي، صحبت خان عمراڻي، علي حسن عمراڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي بهادر ڪارڪنن عوام سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي آمريت خلاف جدوجهد ڪئي. جڏهن چمبڙ ۾ گولين جي وسڪاري دوران جمعون گپچاڻي شهيد ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، تڏهن حالتون انتهائي سنگين بڻجي ويون. ڪجهه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا ۽ سندن هٿيار عوام جي قبضي ۾ اچي ويا.

ان نازڪ وقت ۾ علي حسن عمراڻي ۽ صحبت خان عمراڻي مورچن تي بيهي عوام جي حوصلي کي مضبوط رکيو، جڏهن ته گل حسن عمراڻي فاضل اسٽاپ وٽ وڻ وڍرائي رستا بند ڪرائي ڇڏيا، جنهن سبب فوج ۽ رينجرز جي اڳڀرائي روڪي وئي. مٿان کان حڪم هئا ته طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو وڃي، پر مقامي اڳواڻن جي ڏاهپ، جرئت ۽ تدبر ڪيترين ئي بيگناهه جانين کي بچائي ورتو. اهڙي ريت چمبڙ جي جدوجهد سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ روشن باب بڻجي وئي پر افسوس… جدوجهد ڪندڙن جو امتحان اتي ختم نه ٿيو.

پوليس کان کسيل هٿيارن جا ڪيس گل حسن عمراڻي ۽ سندس خاندان تي داخل ڪيا ويا. گهرن تي ڇاپا لڳا، گرفتارين جو سلسلو هليو، ۽ گل حسن عمراڻي، علي حسن عمراڻي ۽ صحبت خان عمراڻي کي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو، جتي هنن هڪ سال کان وڌيڪ عرصو اذيتون، سختيون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون. آخرڪار پنهنجي خرچ تي ضمانتون ڪرائي آزادي حاصل ڪيائون.

وقت گذرندو رهيو…

آمريت جو دور ختم ٿيو…

چونڊون ٿيون…

حڪومتون بدلجي ويون…

اقتدار جا مزا وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن کي مليا…

پر جمهوريت لاءِ رت ڏيندڙ اصل سپاهي پوئتي رهجي ويا، اڄ به ڪيترائي اهڙا خاندان، جن جمهوريت جي بحالي لاءِ قربانيون ڏنيون، انصاف، تحفظ ۽ سڃاڻپ جا منتظر آهن. اڄ صورتحال اها آهي جو گل حسن عمراڻي جي خاندان جي زمينن تي قبضي جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. ڳوٺ تي پوليس جو ڪڙو چڙهيل آهي، وارثن ۽ خاندان جي فردن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته چونڊيل نمائندا به مظلومن جو ساٿ ڏيڻ بدران مخالف ڌر جي پاسي بيٺل نظر اچن ٿا.هاڻي ته صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. ڳوٺ گل حسن عمراڻي ۾ عمراڻي برادري جي زمين تي لنڊ برادري پوليس جي مدد سان قبضو ڪيو ويٺي آهي. لنڊ برادري جي دعويٰ آهي ته زمين سندن خريد ڪيل آهي، جڏهن ته ٻئي طرف عمراڻي برادري وٽ زمين جا اوريجنل ڪاغذ، پڪو کاتو ۽ قانوني ثبوت موجود آهن. ان باوجود به چمبڙ پوليس، لنڊ وڏيري سڪندر لنڊ جي ونگار وهي، مختلف طريقن سان عمراڻي خاندان کي هراسان ڪري رهي آهي ته جيئن سندن زمين تي مڪمل قبضو ڪري سگهجي، چمبڙ تعلقي ۾ عمراڻي برادري سان اهو ظلم صرف لنڊ وڏيرا ناهن ڪري رهيا پر حد جي پوليس ، چونڊيل نمائنده ،۽ تعلقي ، ضلعي انتظاميا به انهيءَ ڏوهه ۾ شريڪ آهي، هاڻي اها پوزيشن آهي جو گهر جي سڀني مردن تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ اهي سڀ روپوش آهن ، گهر ۾ صرف عورتون ويٺل آهن،، هي رڳو هڪ خاندان جو مسئلو ناهي،هي جمهوريت لاءِ قرباني ڏيندڙن سان ٿيندڙ ناانصافي جو سوال آهي،هي سنڌ جي انهن سياسي ڪارڪنن جي تذليل آهي، جن پنهنجي جواني، آزادي، سڪون ۽ مستقبل جمهوريت جي بحالي لاءِ قربان ڪيو.

تاريخ شاهد آهي ته اقتدار، عهدا ۽ ڪرسيون عارضي هونديون آهن، پر قربانيون هميشه زنده رهنديون آهن. گل حسن عمراڻي ۽ سندس ساٿين جهڙا ماڻهو تاريخ جا اهي ڪردار آهن، جن جا نالا ڪنهن سرڪاري فهرست جا محتاج ناهن. سندن جدوجهد، بهادري ۽ قربانيون عوام جي دلين ۾ محفوظ آهن.

وقت جو تقاضو آهي ته: سياسي انتقام بند ڪيو وڃي بيگناهه ماڻهن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن عمراڻي برادري کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي زمينن تي ٿيندڙ غيرقانوني قبضا روڪيا وڃن جمهوريت لاءِ قرباني ڏيندڙ خاندانن جي عزت بحال ڪئي وڃي ڇو ته جڏهن تاريخ پنهنجو فيصلو لکندي تڏهن اهو ضرور پڇندي ته  جيڪي ماڻهو آمريت خلاف وڙهيا، انهن سان جمهوريت جي دور ۾ ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.