ڪنھن شاعر لِکيو،
عمر جلووں ميں بسر ہو يہ ضروري تو نهيں
مصنوعي ذھانت داخل ٿيندڙ عظيم دؤر يا
زوال جي ڪناري تي بيٺل انساني تاريخ جو بدترين دؤر؟ اسڪرولنگ جي مَرض ۾ مُبتلا ٿيل انساني تاريخ يا سوشل ميڊيا جو شاندار جديد دؤر؟
مٿي لکيل شاعر جي سِٽ ڪيڏي نه سادي پَر معنيٰ خير آھي، ھِڪڙا جَلوا اُھي جن جي جلوا گَري سڄي سماج کي لَپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندي آھي، اُھي جلوا عارضي چمڪ ڌَمڪ سان سرشار ته ھوندا آھن ليڪن مجموعي انساني زندگين تي تنھن جلون جو ڪو خاص اثر نه پوندو آھي۔
سوشل ميڊيا جتي سڄو سارو انسان جو ذھن، عقل ۽ فھم، بي بنياد ۽ وقت وڃائيندڙ مواد اڳيان يرغمال ۽ بي بيوس بڻيل آھي، اھڙي بي اعتمادي واري ماحول ۾ ڪنھن بَلا جيان انساني احساسن کي ڳڙڪائيندڙ ٽيڪنالاجي کي لَغام ڏيندڙ عظيم صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي سوشل ميڊيا جو وَکر بڻجڻ بجاءِ سنڌ جي مظلوم ۽ بي پھچ عوام جو آواز بڻجي سندن ٻانهن ٻيلي ٿيو ۽ شھادت جھڙي عظيم درجي تي وڃي رسيو۔
ڪنھن ڏاھي لکيو، جيڪڏھن اوھان چاھيو ٿا ته مرڻ کان پوءِ به اوھان کي ياد ڪيو وڃي ته يا اھڙو لکو جو پڙھڻ جي لائق ھجي يا اھڙا ڪم ڪيو جو لکڻ جي لائق ھجن
شھيد نصرالله گڏاڻي واقعي اھڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريا جنھن جي ڪري کيس نه رڳو ياد ڪيو وڃي ٿو بلڪ شدت سان سندس ڪمي کي به محسوس ڪيو وَڃي ٿو، وڏا ماڻھو، عظيم ماڻھو تڏھن ئي وڏا ماڻھو ٿيندا آھن جو ھو پنھنجي زندگين کان وڌيڪ ٻين جي زندگين کي ترجيح ڏيندا آھن، خوف ۽ لالچ کي ڌِڪا ڏئي پنھنجن زندگين مان بي دخل ڪري ڇڏيندا آھن۔
انڪار ۽ نه جي ھن سَرفروش عاشق ڪَنڌ جھڪائڻ کي ڪبيرہ گناھ سمجھي ورتو ھو، ھُو آزاد فضا جو شيدائي بڻجي چوڪن ۽ چوراھن تي سڄي سرداري نظام کي واجب القتل قرار ڏيندو ھو، ڌارين جي قبضي ھيٺ آيل سنڌ جي ويرين مٿان غضبناڪ آفت بڻجي ڪَڙڪي پَوندو ھو، ھُو سراپا سچ ھو، سچ جي ٿَڃ مان شڪم سير ٿيل سندس وجود سدائين باطل قوتن جي ناپاڪ ارادن تي ڇوھ ڇنڊيندو ھو، ھُن ڪڏھن آڻ نه مڃي، آڻ ھن اڳيان بي وس بڻجي ويندي ھئي، ھو ارادن ۾ اَٽل ھو، ھُو محض فرد نه ھو، فرد جي شڪل ۾ ھزارين مظلومن جو ڌڙڪندڙ دِل ھو۔
مونکي اڄ به ياد آھي جڏھن مون کيس چيو، نصرالله تنھنجي ننڍڙن ٻچڙن جي پڙھڻ جي عمر آھي، مان چاھيان ٿو تون منھنجي پرائيوٽ اسڪول ۾ پنھنجن ٻارڙن جي داخلا ڪرائي، ظاھر آ مان فيس به نه وٺندس، سوچ ۾ پئجي ويو، چيائين نه يار، بس جتي آھن، سھي آھن، الله وارث اَٿن، مون بحث کي اڳتي وڌائيندي چيو، آخر ڇو؟ ڇا سبب آھي ڀلا؟ مان ته تنھنجو صفا ويجھو دوست آھيان، مونکي ٻڌائي؟
سوچي سوچي چئي ٿو، يار ڏس، منھنجا ٻار تنھنجي اسڪول ۾ پڙھندا، اگر سڀاڻي خدا نخواسته تنھنجي اسڪول خلاف ڪا شڪايت ايندي ته آئون ڪئين ڳالھائي سگھندس؟ مان دنگ رھجي ويس ۽ سندس چھري جي سچائي ۾ گُم ٿي وَيس ۽ حيرت جي سمنڊ ۾ گوتا کائڻ لَڳس، ھُو سچ کي جيءَ ۾ ھنڊائي رکندو ھو۔
مونکي اڪثر ڀيري چوندؤ ھو، ڪامريڊ پڙھيل لِکيل ماڻھو کان خوف ٿيندو اَٿم، ھڪ دفعي مون کانئس پُڇيو، نصرالله آخر ڇو؟ پڙھيل لکيل ماڻھو کان آخر خوف ڇو؟ چيائين، پاڻ کي، پنھنجي سماج کي، اٻوجھ ماڻھو ته ڪو نقصان ناھي ڏنو، غريب مسڪين واڍو، موچي، مزدور يا ھاري ڀلا ڇا ئي نقصان رسائي سگھن ٿا، سندن وٽ آھي ڇا؟
پاڻ کي نقصان انھي سُو ڪالڊ پڙھيل لکيل ڪلاس ڏنو آھي، تنھن وقت مونکي ھڪڙي ڏاھي جي چوڻي ياد آئي ۽ اھا مون کيس ٻڌائي ته ماڻھو وٽ اٿاھ علم ڇو نه ھُجي پر جيڪڏھن ھو پنھنجو علم، ڏاھپ اُنھي ڦورو ۽ حڪمران طبقي جي خدمت ۾ ڪم پيش ڪري ٿو ته اھڙي ڏاھپ جھالت کان سؤ ڀيرا خطرناڪ ۽ زھريلي آھي، فرد جو فن ۽ پورھيو تڏھن ڪارائتو ثابت ٿيندو جڏھن سندس پورھيو، علم ۽ فن عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ايندو۔
سڄي سنڌ ڏٺو ته شھيد نصرالله گڏاڻي مزاحمت ۽ جدوجھد جو اعليٰ مثال قائم ڪندي تاريخ جي سيني ۾ پنھنجي جڳھ ٺاھي ڏيکاري ۽ ڪيترن ئي مظلومن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو، سندس آواز درد ۽ احساس جو عظيم سنگم ھو، ھن جو ڪُٽنب ۽ قبيلو سنڌ جا اُھي مسڪين ۽ اٻوجهھ فرد ھئا جيڪي ھن رياست جي ٺھڻ کان وٺي ڀوتارڪي ۽ وڏيرڪي نظام سبب غلامي ڪارڻ پنھنجو سڀ ڪجهه وڃائي چُڪا آھن۔
اڄ سندس ٻي ورسي جي ڏھاڙي تي سنڌ جي ھن کاھوڙي ڪردار کي سُرخ سلام پيش ڪجي ٿو۔