ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ شاهراهه ِ ڀٽو (ملير ايڪسپريس وي) جي سيڪيورٽي ۽ ٽرئفڪ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي ٽرئفڪ، ڊي آءِ جي هاءِ ويز، ڊي آءِ جي ايسٽ، ڊي جي ريسڪيو 1122، ڊي جي پي پي پي يونٽ، ايس ايس پي ملير، ايس ايس پي ڪورنگي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. گھرو وزير شاهراهه ِ ڀٽو تي شهرين جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مؤثر پوليس نفري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٽول پلازائن تي پوليس سان گڏ خانگي (پرائيويٽ) سيڪيورٽي جي واضح موجودگي پڻ يقيني بڻائي وڃي. هن ٽرئفڪ قانونن تي سختي سان عملدرآمد ۽ رفتار جي نگراني لاءِ اسپيڊ گنز نصب ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.ضياءُ الحسن لنجار چيو ته شاهراهه ِ ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جو هڪ اهم عوامي منصوبو آهي، تنهنڪري شهرين کي محفوظ، آسان ۽ بهترين سفري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن ريسڪيو 1122 کي مڪمل طور تي فعال ايمبولينسز، فائر برگيڊ ۽ هاءِ وي ايمرجنسي ريسڪيو ٽيمون مقرر ڪرڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي.