ٽنڊوالھيار (رپورٽ :حسرت لغاري) عمر ساند ٿاڻي جي حد ۾ ٽنڊوالھيار کان ٽنڊوآدم روڊ تي پي ٽي وي بوسٽر وٽ ٽنڊوڄام واسي قرباني لاءِ جانور ٽنڊوآدم مال پڙي مان خريد ڪرڻ وڃي رھيا ھئا، ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي سوار ھٿياربند ڦورن ھٿيار ڏيکاري گاڏي کي بيھارڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊرائيور پاران گاڏي نه بيھارڻ تي فائرنگ ڪري گاڏي جا ٽائر برسٽ ڪري ڇڏيا، فائرنگ ۾ جاويد ميمڻ ۽ ڊرائيور شعيب گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، ڦورو شهرين کان 90 لک رپيا ڦر ڪري فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا، فائرنگ جي آواز تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پھچي ويا جن جي اطلاع تي عمر ساند پوليس پڻ پهتي ۽ واقعي بابت تفصيل ورتا.