سنڌ مان منشيات جو خاتمو ڪنداسين: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد(رپورٽر) شاگردياڻين ۽ ملازمت پيشه عورتن ۾ مفت پنڪ اسڪوٽيز ورھائڻ واري تقريب حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿي،  جنهن دوران مجموعي طور 200 عورتن کي مفت پنڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽيز فراهم ڪيون ويون، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خصوصي مهمان طور شرڪت ڪندي پاڻ عورتن ۾ اسڪوٽيز ورهايون. تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت حيدرآباد ۾ عورتن کي بنا معاوضي پنڪ اسڪوٽيز فراهم ڪري رهي آهي ۽ اها سهولت خاص طور شاگردياڻين، ملازمت پيشه ۽ ڪاروبار سان لاڳاپيل عورتن لاءِ آهي، انهن اسڪوٽيز جي ورڇ ۾ ڪنهن به سياسي وابستگي، جماعت يا لساني سڃاڻپ کي نظر ۾ نه رکيو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪنهن کان ووٽ جي گهر ڪئي پئي وڃي، ڇو ته ووٽ ڏيڻ هر شهري جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي، سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ پڻ اهم اڳڀرائي ڪري رهي آهي، جتي سائبر نائف جهڙيون جديد ۽ مهانگيون سهولتون عوام کي مفت فراهم ڪيون پيون وڃن، جيڪي دنيا جي چند ملڪن ۽ محدود اسپتالن ۾ موجود آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، جن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مالي سهائتا، گهرن جي مالڪي عورتن جي نالن منتقل ڪرڻ ۽ پنڪ بس سروس جو آغاز شامل آهي، اسڪوٽيز صرف عورتن جي استعمال لاءِ آهن، جيڪڏهن ڪو مرد انهن کي هلائيندي ڏٺو ويو ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.