اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جي موجوده پاليسي جو فوري طور تي جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ زور ڏنو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جي هفتيوار شيڊول کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ 15 ڏينهن جي معمول کي بحال ڪيو وڃي. ان حوالي سان ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين نعمان علي بٽ وزيراعظم شهباز شريف کي خط جاري ڪيو آهي. خط ۾ موجوده پاليسي مان پيدا ٿيندڙ مونجهارن ۽ مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ويو آهي ته پمپ آپريٽرز کي موجوده پاليسي بابت سخت خدشا آهن. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هفتيوار تبديلين جي ڪري، مالڪ سخت آپريشنل ۽ مالي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيا آهن. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل لاهن چاڙهن سان نه رڳو ڪاروبار کي تباهه ٿي رهيو آهي پر اڪائونٽنگ ۽ عوامي رويي سميت ڪيترائي مونجهارا پيدا ڪري رهيا آهن. مارڪيٽ ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۽ عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ ممڪن ناهي. مٿين مسئلن ۽ مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي، قيمتن ۾ تبديلي جي موجوده پاليسي کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ ان کي 15 ڏينهن جي پوئين معمول تي بحال ڪيو وڃي.