ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ مختلف سرڪاري منصوبن ۾ ڪانٽريڪٽ ۽ ايڊهاڪ بنيادن تي مقرر 85 کان وڌيڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ آڏو مختلف سرڪاري منصوبن ۾ ڪانٽريڪٽ ۽ ايڊهاڪ بنيادن تي مقرر ملازمن جي مستقلي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته درخواست گذارن کي سنڌ حڪومت جي مختلف منصوبن ۾ مقابلي واري عمل ذريعي مقرر ڪيو ويو هو ۽ انهن جي نوڪرين ۾ سالن تائين واڌ ڪئي ويندي رهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته سنڌ ريگيولرائيزيشن قانون تحت درخواستگذارن کي مستقل ڪيو وڃڻ گهرجي، جيتوڻيڪ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقلي جو حق بنيادي حق طور حاصل ناهي پر سنڌ اسيمبلي ڪانٽريڪٽ ۽ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ لاءِ خاص قانونسازي ڪئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته اهي قانون سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ ملازمن کي تحفظ فراهم ڪن ٿا، حڪومت بنا ڪنهن امتيازي سلوڪ جي سمورن اهل ملازمن کي قانون جو فائدو ڏيڻ جي پابند آهي.