اسلام آباد(بيورو)آل پاڪستان انجمن تاجران جي مرڪزي صدراجمل بلوچ چيو آهي ته 70 سالن ۾ ايتريون مشڪلاتون نه ڏٺيون آهن، جيتريون هاڻي ڏسي رهيا آهيون۔آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر ملڪ جي مختلف علائقن مان آيل واپاري اڳواڻن سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ ٽيڪسن جي بار ڪاروبار کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي۔هن چيو ته ملڪ جي ننڍن وڏن بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ خريد ۽ وڪرو ۾ 70 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي ۽ دڪان گراهڪن لاءِ ترسي رهيا آهن۔واپاري اڳواڻ موجب ملڪ جا لڳ ڀڳ 12 ڪروڙ شهري پنهنجي خريداري جي سگهه کان مڪمل طور محروم ٿي چڪا آهن ۽ صرف زنده رهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن۔هن چيو ته اهي سنگين انگ اکر صرف اسان پنهنجي طرفان نٿا ٻڌايون، پر آءِ ايم ايف به پنهنجي تازي رپورٽن ۾ پاڪستان جي هن بدحالي جو اعتراف ڪيو آهي۔