ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي ۾ روڊن ۽ رهائشي علائقن جي وڌندڙ ڪمرشلائزيشن تي شهري تنظيمن ۽ ماهرن خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي،ڪراچي سٽيزن فورم جي انتظام هيٺ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس دوران شهري رٿابندي، پارڪنگ، پاڻي، نيڪال ۽ کليل جڳهن جي مسئلن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي۔پريس ڪانفرنس ۾ بئريسٽر شهاب اوستو ، ڪي سي ايف جي ڪنوينر نرگس رحمان، اربن پلانر محمد توحيدر،زاهد فاروق ، سماجي ڪارڪن شهناز رمزي ۽ پائيليپ جو چيئرمين سعد امان الله سميت مختلف علائقن جا رهواسي شريڪ ٿيا۔بئريسٽر شهاب اوستو چيو ته ڪراچي جي ماسٽر پلان ۽ زوننگ قانونن کي نظرانداز ڪري رهائشي علائقن کي ڪمرشل بڻايو پيو وڃي، شهر ۾ روزانو 50 ڪروڙ گيلن کان وڌيڪ بغير صاف ٿيل گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪيترن ڏهاڪن کان نيڪال صاف ڪرڻ وارا پلانٽ غيرفعال آهن۔هن اهو به چيو ته عدليه کي به ڪراچي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ جسٽس گلزار احمد جي 2019ع واري فيصلي تي عمل ٿيڻ گهرجي۔اربن پلانر محمد توحيد چيو ته هر روڊ ۾ ڪمرشل سرگرميون برداشت ڪرڻ جي هڪ حد هوندي آهي، تنهن ڪري ڪنهن به شاهراهه کي ڪمرشل بڻائڻ کان اڳ ٽرئفڪ، پارڪنگ ۽ بنيادي سهولتن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي، ماسٽر پلان ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي پاليسين ۾ هم آهنگي نه هجڻ سبب شهر بي ترتيب نموني پکڙجي رهيو آهي۔پريس ڪانفرنس ۾ موجود ڪراچي سٽيزن فورم جي ڪنوينر نرگس رحمان چيو ته ڪمرشلائزيشن جا اثر هر شهري کي ڀوڳڻا پوندا، رهائشي علائقن ۾ اوچا عمارتون ته ٺهي رهيون آهن پر پارڪنگ ۽ بنيادي سهولتن جو ڪو مناسب نظام موجود ناهي۔وڌيڪ اهو ته پريس ڪانفرنس ۾ ماهرن مطالبو ڪيو ته رهائشي پاڙن جي امن، تحفظ، بنيادي ڍانچي ۽ ماحولياتي معيار کي محفوظ بڻايو وڃي۔